گرميءَ جي آمد ۽ مهانگي بجليءَ جو طوق !

0
33
گرميءَ جي آمد ۽ مهانگي بجليءَ جو طوق !

گرميءَ جي مند ايندي شرط حڪمرانن بجليءَ جي في يونٽ جي  قيمت کي هاڻ هر مهيني وڌائڻ جي پاليسي اپنائي ڇڏي آهي. مٿان عوام کي چونو لڳائڻ لاءِ ۽ پنهنجي خفت مٽائڻ لاءِ عجيب قسم جون صفايون پيش ڪري رهيا آهن. چون ٿا ته بجلي مهانگي ڪرڻ سندن مجبوري آهي، جو بجليءَ جي کپت گهٽجي وئي آهي. ٻي طرف رمضان شريف جي مهيني باوجود 8 کان 10 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ به ٿي رهي آهي. مٿان اهو به چئي رهيا آهن ته هيل گرمين ۾ شارٽ فال وڌڻ جا امڪان آهن ۽ شارٽ فال جو سبب وري لائين لاسز ۽ چوري ٻڌائيندا آهن. مطلب ته ميڪاوليءَ جي طرز حڪمرانيءَ کي اپنائيندي آئي ڏينهن قلابازين کائڻ ۾ دير ئي نٿا لڳائين !

                 بجليءَ جي في يونٽ جي بنيادي ٽيرف ۾ حد کان وڌيڪ اضافي جو دٻاءُ صرف انهن تي آيو آهي، جيڪي ايمانداريءَ سان پنهنجو پيٽ ڪٽي بل جي ادائگي بروقت ڪن ٿا، جيڪي قانوني حدن ۾ رهندي گذر سفر ڪرڻ چاهين ٿا پر بجلي جا وڏا چور يعني حڪمران اشرافيه، سرمائيدار  ۽ اپر ڪلاس تي ڄڻ ڪو بار ئي نه پيو آهي. منهنجي گهر جو بل في يونٽ قيمت وڌڻ کان پوءِ هن مهيني 32000 کان وڌيڪ آيو آهي، جيڪو منهنجي لاءِ ادا ڪرڻ مصيبت بڻجي ويو آهي، ڇو جو گهر جي ضرورتن، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت، دوا درمل ۽ آفيس جي خرچن ۽ مجموعي طور مهانگائي کان پوءِ ايڏو بل ادا ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي! يقينن اهو مسئلو انهن سمورن ماڻهن جو هوندو، جيڪي قانوني دائري ۾ رهي، پنهنجي محنت آڌار ڪم ڪندي هڪ سٺي ۽ صاف زندگي گذارڻ چاهين ٿا، پر لڳي ٿو ته وڏا چور پنهنجي عياشين کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن!

تازو نيپرا، جيڪا اٿارٽي نه بلڪه ڪمپنين اڳيان ٻڌي ٻانهي آهي، تنهن ڊسڪوز جي درخواستن تي فيصلو ڪندي لڳ ڀڳ 4 روپيا في يونٽ بجلي آڪٽوبر کان مارچ 2024 تائين فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مطلب ته ٿڌن ڏينهن ۾ به خلق کي ساهي پٽڻ ناهي ڏيڻي. ٻئي طرف وفاقي ڪابينا مفت يونٽ ختم ڪرڻ جو چيو آهي پر ان تي عمل درآمد لاءِ ڪا به پيش قدمي نٿي نظر اچي. حڪومت هيٺين طبقي ۽ وچئين طبقي کان بجلي، گئس، پئٽرول ۽ واهپي جي شين تي اهائي ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز وٺي رهي آهي، جيڪا مٿئين طبقي کي ادا ڪرڻي ٿي پئي يا وري کين اهي سهولتون مفت ملڻ ڪري کين ٽيڪس ئي ادا نٿي ڪرڻي پئي! اهو ئي سبب آهي جو مٿن آءِ ايم ايف دٻاءُ وجهي رهيو آهي.سوچي ويٺو هوس ته ڪا پٽيشن داخل ڪبي پر بجليءَ جي قيمت ۾ تازي اضافي جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وٽ پهچي چڪو آهي. يقينن ان حوالي سان لاڳاپيل سوال رکيا ويندا پر ڪجهه سوال مان پنهنجي مانائتي اعليٰ عدليه آڏو ضرور رکندس، ان اميد سان ته اهي سوال به ضرور غور ويچار هيٺ ايندا، جيڪي نج عوام الناس سان جڙيل آهن.

* بجليءَ جي هر بل ۾ لڳ ڀڳ 15 قسمن جون ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز اوڳاڙيا وڃن ٿا، بنا اهو تعين ڪرڻ جي ته اهي ٽيڪسز ڪنزيومر تي لاڳو به ٿين ٿيون يا نه.

* بجلي خريدڻ ۽ واهپيدارن تائين پهچائڻ جي عمل ۾ مختلف ڪمپنين لاءِ في يونٽ چارجز وصول ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟

* بجليءَ جي بلن ۾ مسلسل مختلف قيمت لاڳو ڪرڻ جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟

* پيڪ هاورز جو ڪهڙو منطق آهي ۽ وقت به وقت انهن ۾ ڦير گهير ڇو؟

* مهيني جي مقرر تاريخ تي ريڊنگ وٺڻ بجاءِ مختلف تاريخن تي ميٽر ريڊنگ وٺڻ جو ڪارڻ؟

* بلن جي ادائگي جي تاريخن ۾ ڦير ڦار جو ڪارڻ؟

* واهپيدار جي حد ۾ لڳل ميٽر جي آن لائين چيڪنگ جو ڪارڻ؟

* سنگل ريڊنگ ميٽر جي جاءِ تي ملٽي ريڊنگ ميٽر لڳائڻ جو سبب؟

* لائيف ٽائيم ميٽر چارجز ڇو؟

* سروس چارجز وٺڻ باوجود ٽرانسفارمر جي رپيئرنگ عوام کان اڳاڙي ڪري پرائيوٽ ورڪشاپس تان ٺهرائڻ جو ڪارڻ؟

* واپڊا ۽ ڊسڪوز جي ملازمن کي بجلي جي مفت ترسيل ڇو؟

* ملازمن جي ملي ڀڳت سان ڪنڊا مافياز جي چوري ۽ لائين لاسز بل ادا ڪندڙ ڪنزيومرز کان ڀرائڻ جو سبب؟

* جيترو وڏو ڪامورو/ملازم، اوترا وڌيڪ يونٽ مفت! ان جي ڪا قانوني وضاحت؟

حڪمران اشرافيه لاءِ ته بجلي لامحدود مفت آهي، جو ڪير چئي ته شينهن تنهنجي وات ۾ ڌپ! پر جي سرڪاري ملازمن/بيوروڪريسي، واپڊا ۽ ڊسڪوز جي ملازمن کي ملندڙ ٻين بي انتها سهولتن سان گڏ هر مهيني مفت ملندڙ بجليءَ جي وچور تي به نظر ڦيرايون !

* گريڊ  1 کان 4 جي ملازمن کي 100 يونٽ

* گريڊ 5 کان 10 جي ملازمن کي 150 يونٽ

* گريڊ 11 کان 16 جي ملازمن کي 300 يونٽ

* گريڊ 17 جي ملازمن کي 450 يونٽ

* گريڊ 18 جي ملازمن کي 600 يونٽ

* گريڊ 19 جي ملازمن کي 880 يونٽ

* گريڊ 20 جي ملازمن کي 1100 يونٽ

* گريڊ 21 ۽ 22 جي ملازمن کي 1300 يونٽ

مٿين وچور تي غور ڪرڻ سان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي طبقاتي سماج ۾ ڪيئن اسان جي ٽيڪسن مان مٿئين طبقي جا ملازم/بيوروڪريٽس وڌيڪ مستفيد ٿين ٿا. هر حڪمران اشرافيه جا ڀرجهلو بڻجي وڃن ٿا! اسان جي اشرافيه بجلي چوريءَ ۽ مفت خوريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ملوث آهي ۽ عتاب جو شڪار خلق بڻجندي آهي. اڃا اليڪشن گذرئي گهڻو وقت نه ٿيو آهي، جو ماڻهن حڪمرانن جا ڪيل واعدا وساري ڇڏيا آهن ته 300 يونٽن تائين بجلي مفت فراهم ڪنداسين! هاڻ ته اسان جا حڪمران به وفاق توڻي صوبن جي مسند تي به براجمان آهن پر لڳي ٿو ته چونو لڳائي اقتدار جي ڪرسي ماڻين ويا. باقي واعدي جو ڇا آهي! پهريان ڪهڙا وفا ٿيا، جو هينئر ٿيندا. ڇو ته اهي سمجهن ٿا ته اهو واعدو ئي ڇا جو وفا ٿئي !! مان سمجهان ٿو ته مون سميت عوام جي هن گڏيل مسئلي جي دانهن سپريم ڪورٽ سميت فيصلا سازن جي ڪنن تائين ضرور پهچندي!!