ڪيس ۾ ڊيگهه ٿيڻ سان مشڪلاتون اينديون پر عدالتن مان انصاف جي اميد آهي: ام رباب

0
226

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ  ۾ ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي

ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي  قتل ڪيس جي جوابدار سڪندر چانڊيو ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، ام رباب چانڊيو وڪيل  سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي

عدالت ٽرائل ڪورٽ کان  رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 13نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته پوري سنڌ کي خبر آهي ته 6 سال اڳ منهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي  کي قتل ڪيو ويو

هن چيو ته جيل ڀوڳيندڙ جوابدار سڪندر چانڊيو  ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ته  جيئن ڪيس ۾ دير ٿئي، عدالت کي ٻڌايو ته نه صرف سڪندر چانڊيو پر ٻيا جوابدار مسلسل ڪيس کي ڊلي ڪري رهيا آهن

ام رباب چيو ته جوابدار ٽرائل ڪورٽ مان 100 کان وڌيڪ تاريخون وٺي چڪا آهن، ڪيس ڊلي ٿيڻ سان اسان کي مشڪلاتون  پيش اينديون پر الله جي ذات ۽ عدالتن مان انصاف جي اميد آهي

هن چيو ته عدالت ٽرائل ڪورٽ کان رپورٽ طلب ڪئي آهي ته ڪيس ڊلي ڇو ٿي رهيو آهي