ڪوٽڙي:ڪارون چوري ڪرڻ وارو بين الصوبائي گروهه گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
244
ڪوٽڙي:ڪارون چوري ڪرڻ

ڪوٽڙي (ن پ ا) سائيٽ ڪوٽڙي پوليس ڪارروائي ڪري ڪارون چوري ڪرڻ جو وڏو بين الصوبائي گروهه پڪڙي ورتو

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران ڪار لفٽنگ گروهه جا ٽي ڄڻا گرفتار ڪري مختلف هنڌن تان چوري ٿيل 5 ڪارون ھٿ ڪيون ويون آهن

ڊي ايس پي ڪاشف قادري ۽ ايس ايڇ او سائيٽ خير محمد ملاح پريس ڪانفرس ڪندي چيو ته   ڪار ليفٽنگ جي بين الصوبائي گروھ  جا ٽي جوابدار دادن رند،  علي گوھر شيخ ۽ احمد شاھ کي گرفتار ڪري چوري ٿيل ڪارون ھٿ ڪيون ويون

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن مٿان ڪارون چوري ڪرڻ جا چار ڌار ڌار ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آھن، گروهه جي مُک جوابدار دادن رند تي سنڌ جي مختلف ٿاڻن تي 8 ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن