ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ ٻئي صحافي بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ڇهه نياڻين جي پيءُ فهيم کي هڪ اخبار نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هو ڪافي وقت کان بيروزگار هو. سڳن مائٽن به بري وقت ۾ ساٿ نه ڏنو ته ان پنهنجي زندگي ئي ختم ڪري ڇڏي ۽ پنهنجي ڇهن نياڻين کي بي سهارو ڇڏي دنيا مان هليو ويو. واضح رهي ته وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري سڄو ملڪ پريشان آهي، اتي صحافي برادري به ڪافي ڏکياين جو شڪار ٿي وئي آهي. صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن ورڪر فهيم جي آپگھات واري واقعي جي مذمت ڪئي آهي.