ڏُکِيءَ! توءِ ڏُڪارُ، توڻي وَسَنِ ميِنهَڙا..!

0
196

شاهجهان خاصخيلي 

 هن وقت سنڌ جنهن دردناڪ ۽ المناڪ صورتحال مان گذري رهي آهي، ان داستان کي قلمبند ڪرڻ وقت دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي ۽ هڪ دکدائڪ ڪيفيت مان پڻ گذرڻو پوي ٿو. هن موجوده ڳنڀير صورتحال تي هڪ پورهيت پيرسن شخص سان ڪيل مختصر ڪچهري اوهان آڏو پيش آهي. ” سنڌ سدائين سورن ۾ آ ” هڪ جهور پوڙهي شخص جي واتان اهو جملو ٻڌي ڪجھه لمحن لاءِ آئون سوچن جي اڻ کٽ سلسلي ۾ هليو ويس، ڪجھه گهڙين جي ساهي بعد مون ان پورهيت کي چيو ته چاچا بلڪل توهان اهو درست ٿا چئو! پر آخر ايئن ڇو آهي؟ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن توهان جي نظر ۾ ؟؟ جنهن تي هن وراڻيو ته بابا اهو دردن جو هڪ ڊگهو داستان آهي توکي ڇا ٻڌايان ؟

                 مختصر خاموشي بعد ٿڌو ساھ ڀريندي ان پيرسن شخص وراڻيو تج پٽ اسان جي به عمر آهي ۽ اسان هتي گهڻو ڪجھه ڏٺو آهي پر جيئن ڄاوا آهيون اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌي قوم ايئن ئي سدائين سورن ۾ ڏٺي سون. ڇو جو پاڻ وارا حڪمران رڳو مال ٺاهڻ ۾ پورا آهن، عوام جو انهن کي ڪو به لاچار نڪو اڳين هو ۽ ن ئي هاڻ آهي. پوءِ بس اهي سسئي وارا سور پاڻ کي نصيب ۾ لکيل آهن سي پيا هلندا بس! ٻيو پاڻ ڇا ڪنداسين..؟ هنن حڪمرانن جي بي ڌياني ۽ نااهلي جي ڪري سنڌ ڪڏهن ڏڪار کي ٿي منهن ڏئي ۽ پيئڻ لاء پاڻي ناهي هوندو. ماڻهو اڃ ۾ پيا مرندا آهن. ان تي سڄو سال بس اهي ويچارا قومپرست پيا گهوڙا گهوڙا ۽ احتجاج ڪندا آهن پر سرڪار جي ڪن تي جونءِ به ناهي سرندي ۽ ڪڏهن وري هي برساتون… پوڻ جي ڪري ماڻهن ويچارن جا رهيل کهيل فصل به تباھ ٿيو وڃن ۽ انهن جو سال جو ٻچن جو گذر سفر لڙهيو وڃي پر سرڪار وٽ انهن مسئلن جو به ڪو حل ئي ناهي ٻيو ڇا ڪجي.

 ٿوري ساهي پَٽيندي هن چيو ته باقي شهرن ۾ اوهين هلو پيا پڙهيا لکيا نوجوان آهيو ۽ روزاني اخبارون ٻيون به پڙهو ٿا گهمو ڦرو پيا، اوهين ڏسو هينئر شهرن جا شهر برسات کانپوءِ ٻڏي ويا آھن درياهه بندن تائين اچي پهتو آهي ماڻهو ويچارا دربدر آهن انهن وٽ کائڻ لاءِ اٽي جي لپ به ناهي پر ابا ڪو ڌڻي سائين نظر نٿو اچي غريبن جو! بس، سرڪار ته اهڙي خراب صورتحال ۾ به نظر نٿي اچي غريب ماڻهو ويچارا ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن هِن هُن ڏانهن پيا واجهائين.مون کائنس ٻيهر سوال ڪيو ته چاچا وفاقي حڪومت اڃا به ڪجھه ڏئي پئي غريبن کي پر سنڌ حڪومت پيپلزپارٽي وارن جي آهي انهن به ڪجھ ڏنو آهي يا نه اوهان کي ؟ تنهن تي هن ٻڌايو ته نه ڙي ابا ڪٿان! باقي انهن جا خاص ماڻهو آيا هئا جيڪي هيڏي ساري ڳوٺ مان رڳو 15 نالا لکي ويا آهن ته اوهان کي تنبون ۽ راشن ٿا ڏيون ان کي به ڪافي ڏينهن ٿيا آهن پر اڃا تائين علائقي جو ڪو به نمائندو اسان جي سار لهڻ ناهي آيو، اهي ويندا کائي ۽ پنهنجن پنهنجن ماڻهن ۾ وڃي ڏيندا، اسان غريبن کي انهن سدائين رڳو آسرا ئي ڏنا آهن اهي نيٺ وڃي پنهنجا ڀڀ ڀريندا بس ٻيو ٿيو مڙوئي خير .

ڀلا قومپرست پارٽين وارا به هن مشڪل صورتحال ۾ حال سارو متاثر ماڻهن جي مدد ڪن پيا اوهان وٽ به آيا هوندا ؟؟

انهي تي ان پيرسن ڌيمي لهجي ۾ وراڻيو ته ها ابا انهن ويچارن کي شابس هجي جو اسان انهن کي ڪڏهن ووٽ به ناهي ڏنو پر پوءِ به اهي ويچارا پنهنجي حال سارو اسان جي وقت تي مدد ڪن ٿا ۽ هونئن به جڏهن ڪا ڏکي مهل ايندي آهي تڏهن اهي ئي اسان جي مدد ڪندا آهن هينئر به هيستائين انهن ئي اسان جي سار لڌي آهي باقي ٻيو ڪو به آفيسر يا نمائندو لڙي ناهي آيو اسان وٽ. بس انهن کي شابس هجي.آخر ۾ مون کائنس سوال ڪيو ته چاچا سنڌ ۾ گذريل تقريبن پنڌرهن سالن کان پيپلزپارٽي وارا حڪومت پيا ڪن هن سڄي بدحال صورتحال جو ذميوار آخر ڪير آهي اوهان جي نظر ۾ ؟؟ان تي پيرسن يڪدم سخت لهجي ۾ مون ڏانهن نهاريندي چيو ته اهي ئي چور آهن ذميوار ٻيو ڪير آهي؟ سنڌ جي هي حالت انهن ظالمن ئي ته ڪئي آهي هر حڪومت ۾ انهن سدائين پنهنجا پيٽ ڀريا آهن، عوام کي ڇا ڏنو آهي انهن؟ سنڌ جي ههڙي حالت ڏسي اسان جو اندر سڙيو وڃي، خدا هنن ظالمن مان سنڌ جي جان ڇڏائي اسان غريبن جون آهون ۽ دانهون هنن کي هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور لوڙهينديون اهو ب اوهين ويهي ڏسجو ابا …..

ان پورهيت پيرسن سان ڪيل سڄي ڪچهري ۾ فقط آهون ۽ دانهون، ڏک ۽ درد شامل هو، جنهن کي مون بعد ۾ تحرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آخر ۾ سوال اهو آهي ته منهنجا ساڻيھه واسي آخر ڪيستائين ايئن دربدر، بکيا ۽ ڏکيا رهندا ؟ ۽ منهنجي سنڌ جو هي دردناڪ داستان آخر ڪٿي دنگ ڪندو ؟ ڇا سنڌ سدائين ايئن ننڌڻڪي، ڏڪارن، ناانصافين، ظلمن ۽ ٻوڏن جو شڪار رهندي…؟

شيخ اياز به ان درد جي عڪاسي ڪجھه هن ريت ڪئي آهي:

ڪَنهَن ڪَنهَن اَڱڻ اَنَ ڪَڻا،ڀُونءَ نِسورِي بُکَ

ڪَهَڙا ڪَهَڙا مُون ڏِٺا، تَن ڏوٿِيئَڙَنِ جا ڏُکَ

سِنڌِ نَه سَنڀَري سُکَ، اُڀَرِي سِجَ لَهي وِيا..!