چونڊ نتيجا چيلنج ڪرڻ جو مرحلو شروع: نواز، مريم، گيلاني، خالد مقبول جي ڪاميابي خلاف عدالتن ۾ درخواستون

0
68
چونڊ نتيجا چيلنج ڪرڻ جو مرحلو شروع: نواز، مريم، گيلاني، خالد مقبول جي ڪاميابي خلاف عدالتن ۾ درخواستون
چونڊ نتيجا چيلنج ڪرڻ جو مرحلو شروع: نواز، مريم، گيلاني، خالد مقبول جي ڪاميابي خلاف عدالتن ۾ درخواستون

ڪراچي / لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) چونڊ نتيجا چيلينج ڪرڻ جو مرحلو شروع ٿي ويو آهي. جنهن تحت اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي قائد ميان نواز شريف سميت مختلف اڳواڻن جي ڪاميابي خلاف درخواستون داخل ڪيون ويون آهن ان ڏس ۾ لاهور جي اين اي 130 تان ميان نواز شريف جي ڪاميابي کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا ڊاڪٽر ياسمين راشد پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ ريٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر ياسمين راشد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته نواز شريف فارم 45 موجب هارائي چڪو آهي، عدالت ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏئي ۽ فارم 47 جو نتيجو ڪالعدم قرار ڏئي. ٻئي پاسي ن ليگ ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز جي اين اي 119 تان ڪاميابي کي چئلينج ڪيو ويو. مريم نواز جي ڪاميابي خلاف آزاد اميدوار شهزاد فاروق پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. درخواست گذار شهزاد فاروق درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پريزائيڊنگ آفيسرن فارم 45 ناهي ڏنو، ريٽرننگ آفيسر به نتيجو جوڙيندي نوٽيس ناهي ڏنو، ريٽرننگ آفيسر جي غير موجودگي ۾ نتيجو جوڙي جاري ڪيو ويو. آزاد اميدوار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مريم نواز کان کٽي چڪو هيس پر ڌانڌلي ڪري هارايو ويو، عدالت ريٽرننگ آفيسر کي فارم 47 ٻيهر جوڙڻ جو حڪم ڏئي ۽ مريم نواز جي ڪاميابي ڪالعدم قرار  ڏني وڃي

هوڏانهن حليم عادل شيخ سميت پي ٽي آءِ جي حمايت يافته 3 آزاد اميدوارن چونڊ نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 238  تي پي ٽي آءِ جي  حمايت يافته آزاد اميدوار حليم عادل شيخ بيرسٽر علي طاھر ذريعي داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته هن فارم 45 موجب ۾ 71 هزار کان وڌيڪ ووٽ کنيا، جڏهن ته آر او آفيس مان جاري ڪيل فارم 47 ۾ نتيجن ۾ تبديلي آڻي ايم ڪيو ايم جي اميدوار صادق افتخار کي 54 هزار ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو، حليم عادل شيخ  ايم ڪيو ايم  اميدوار صادق افتخار جي ڪاميابي واري نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. واضح رهي ته اين اي 238 ڪراچي اوڀر 4 جي سمورين 292 پولنگ اسٽيشنن جا غير حتمي نتيجا اچي ويا آهن، جن موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جو صادق افتخار 54884 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي

جڏهن ته آزاد اميدوار حليم عادل شيخ 36875 ووٽ کڻي  رنر اپ رهيو. هوڏانهن قومي تڪ اين اي 248 تان پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوار ارسلان خالد به چونڊ نتيجن کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي، هن پنهجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته مون فارم 45 موجب 65 هزار ووٽ حاصل ڪيا آهن، جڏهن ته آر او پاران فارم 47 ذريعي ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي، ٻئي طرف صوبائي تڪ پي ايس 98 تي آزاد  اميدوار جان شير جوڻيجو پڻ چونڊ نتيجن کي رد ڪندي چيو آهي ته فارم 47 ذريعي ايم ڪيو ايم اميدوار ارسلان پرويز کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي. ٻئي پاسي  ن ليگ جي شيخ روحيل اصغر جي پنهنجي تڪ تي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪئي وئي

اليڪشن ڪميشن چيو ته اليڪشن واري ڏينهن ڪير به درخواست نه کڻي آيو، هاڻي وقت نڪري چڪو آهي.  هوڏانهن يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي کي شهربانو قريشي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. شهربانو قريشي تڪ تي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو آهي.  ٻئي پاسي اين اي 117 تان عليم خان جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ رٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن کي ڌر بنايو ويو آهي ۽ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فارم 45 تحت عليم خان هارائي چڪو آهي پر مبينا ملي ڀڳت سان فارم 47  ۾ کيس فاتح قرار ڏنو ويو آهي

جڏهن ته اين اي 127 تان عطا تارڙ جي ڪاميابي کي به چيلينج ڪيو ويو آهي. درخواست گذار ظهير عباس کوکر درخواست ڏيندي چيو آهي ته عطا تارڙ به فارم 45 تحت هارائي چڪو هو. کيس ڌانڌلي زريعي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.   اين اي 118 تان حمزه شهباز شريف، اين اي 126 تان سيف الملوڪ کوکرجي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو ويو آهي راولپنڊي ۾ پي ٽي آءِ جي حمايتي اميدوارن راجا بشارت اين اي 55 ، سيمابيا طاهر اين اي 57، شهريار رياض اين اي 56 تان نتيجا چيلينج ڪيا آهن. ٻئي پاسي مريم نواز، عليم خان، خواجه آصف، عطا تارڙ سميت 20 تڪن جي چونڊ نتيجن خلاف درخواستن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس علي باقر نجفي 12 فيبروري تي ٻڌڻي ڪندو. سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن