مقصودو رند (ن پ ا) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو آهي ته پ پ اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ وڪڻي رهي آهي، زمينن تي قبضن واري معاملي تي جي ڊي اي به مجرماڻي خاموشي خاموشي اختيار ڪئي آهي، پي ايس 44 تي عوامي تحريڪ جي اميدوار راڻو ڪُنڍاڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضا برداشت نه ڪيا ويندا، نگران سرڪار کي سنڌ جون زمينون وڪڻڻ جو ڪو به اختيار ناهي، هن چيو ته نگران سرڪار صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ بدران زمينن تي قبضن ۾ مصروف ٿي وئي آهي.