پوري ملڪ ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ سوشل ميڊيا بند

0
417

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت ملڪ ۾ سوشل ميڊيا تي عارضي پابندي لڳائي ڇڏي، حڪومت طرفان پي ٽي اي کي سوشل ميڊيا سائٽس ڪجهه ڪلاڪن لاءِ بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، فيس بڪ، واٽس ايپ، يوٽيوب، ٽوئٽر، ٽيلي گرام، ٽڪ ٽاڪ سروس ڪجهه دير لاءِ معطل ڪئي وئي، سوشل ميڊيا سائٽس 4وڳي ٻيهر کولي ويندي، ذريعن موجب، ملڪ دشمن عنصر سوشل ميڊيا سائٽس تي هڪ ٻئي سان رابطو ڪري پروپيگنڊه پکيڙي رهيا هئا ۽ سوشل ميڊيا سائٽس کي بند ڪرڻ جو مقصد ملڪ دشمن عنصر نيٽ ورڪ کي ٽوڙڻ هو.