پنجاب ۾ مڙس زال کي قتل ڪري لاش جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ساڙي ڇڏيو

0
301
ڪراچي: اورنگي ٽائون

لوڌران (ڊيسڪ رپورٽ) پنجاب جي علائقي لوڌران مان لاپتا عورت جو قاتل ان جو مڙس ئي نڪتو، جنهن پنهنجي زال کي غيرت جي ناتي لي بيدردي سان ماري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته لوڌران جي علائقي ڪهروڙ پڪا کان لاپتا عورت کي ان جي مڙس غيرت جي نالي قتل ڪيو آهي، جوابدار پنهنجي زال کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري تندور ۾ ساڙي ڇڏيو، جوابدار جي گرفتاري کانپوءِ ان جي ئي نشاندهي تي لاش جا ٽڪرا بر آمد ڪيا ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ مقتولا جي والد کي چيو ته هن جي نياڻي ڀڄي وئي آهي، جنهن تي مقتولڻ جي والد پنهنجي ناٺي خلاف قتل جو شڪ ظاهر ڪيو، جوابدار کي حراست ۾ وٺي جاچ ڪئي ته هن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو.