پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پريالوءِ جي چونڊيل ڪائونسلر ايڊووڪيٽ اشفاق علي شاھ تي پيرجوڳوٺ لڳ نامعلومهٿياربندن جو حملو، فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ايڊوڪيٽ اشفاق علي شاهه ۽ سندس ڀيڻيوو جيئل شاهه سخت زخمي. رپورٽ موجب ٽائون ڪاميٽي پريالوءِ جي چونڊيل ڪائونسلر سماجي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اشفاق علي شاهه جي ڪار تي پيرجوڳوٺ شهر ٻاهران ڳوٺ ديندار ڀرسان موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن اچتو فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ڪائونسلر اشفاق شاهه ۽ سندس ڀيڻيوو جيئل شاھ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا. گوليون لڳڻ باوجود اشفاق شاهه زخمي حالت ۾ ڪار ڀڄائي پيرڳوٺ جي راجا ھائوس اسٽاپ تي پهچي ويو، جتي موقعي تي موجود ماڻهن کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور پهچايو.  ايڊووڪيٽ اشفاق شاهه جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس حرا ميڊيڪل  سينٽر سکر نيو ويو. ٻنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي. واقعي جو ڪارڻ  ذاتي دشمني ٻڌايو پيو وڃي.