لنڊن(م ڊ) عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ سال مهانگائيءَ جي شرح 15 سيڪڙو ٿيڻ جي اميد آهي، هلندڙ سال مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو رهندي، عالمي بينڪ جي انگن اکرن موجب ايندڙ مالي سال معيشت جي شرح 2.3  سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، هلندڙ سال ۾ معيشت جي شرح 1.8 سيڪڙو رهندي، جڏهن ته زراعت ۽ صنعت جي شرح 2.2 سيڪڙو ٿيندي. عالمي بينڪ موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو معيشت جو تقريبن 0.6 سيڪڙو ٿيندو، ايندڙ مالي سال مالياتي خسارو جي ڊي پي جو 7.4 سيڪڙو ٿي سگهي ٿو. عالمي بينڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته هلندڙ مالي سال مالياتي خسارو جي ڊي پي جو 8 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي.