ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي نيوعلي ڳڙهه ڪاليج لڳ واقع سر سيد هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر جي آفيس جا تالا ٽوڙي اڻ ڄاتل چور اسڪول مان چوري ڪري فرار ٿي ويا. اسڪول جي هيڊ ماستر سومار چاڪراڻي موجب چور اسڪول مان ٻه اسٽيپلائزر، اسيمبلي اسپيڪر، فرج جو موٽر، اليڪٽرڪ واٽر ڪولر جي موٽر، آئوٽر جي موٽر، آفيس رڪارڊ چورائي ويا آهن. واقعي بابت ٽنڊوآدم پوليس کي اطلاع ڪيو ويو آهي پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي.