ٻڍڙي عورت پيراشوٽ ذريعي جهاز تان ٽپو ڏئي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

0
195
ٻڍڙي عورت پيراشوٽ

اسٽاڪ هوم (انٽرسٽنگ نيوز) سويڊن ۾ 103 سالن جي عورت پيراشوٽ ذريعي جهاز تان ٽپو ڏئي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. عالمي ميڊيا موجب سويڊن ۾ 103 سالن جي ٻڍڙي عورت روٿ لارسن جهاز مان هوا ۾ ٽپو ڏنو ۽ پيراشوٽ ذريعي زمين حفاظت سان تي لهڻ جو مظاهرو ڪيو

ان ڪرتب دوران هن جي رهنمائي پيراشوٽ جمپنگ ماهر جوڪم جوهانسن ڪئي.هوائي جهاز مان ٽپو لڳائڻ جو اهڙو ڪرتب اسٽاڪ هوم کان 240 ڪلوميٽر فاصلي تي موٽالا ۾ ڪيو ويو.  روت لارسن اهڙي ڪرتب جو مظاهرو ڪري عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ۽ هوءَ اهڙو ڪرتب ڏيکاريندڙ ٻڍڙي ترين عورت بڻجي وئي آهي، ان موقعي تي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ جا اهلڪار به موجود هئا جن رڪارڊ جي تصديق ڪئي.