ٺاهه سٺي ڳالهه پر قانون جي رٽ جو ڇا ٿيندو !؟

0
234
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ٻه ڏينهن اڳ  تائين خندقون کوٽي لاهور کان اسلامآباد ڏانهن مارچ شروع ڪندڙن کي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون پئي ويون.پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وڌيڪ نفري گهرائي پئي وئي،انهي کان اڳ ۾ ٻه پوليس اهلڪار پنهنجو فرض نڀائيندي جان قربان ڪري ويٺا،ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿي پيا.سڄو لاهور شهر عملي طور ۽ سڄو ملڪ ذهني طور يرغمال بڻيل هو ته الائي ڇا ٿيندو.؟ اهڙي وقت ۾ گهرو وزير ملڪ ڇڏي پاڪستان ۽ انڊيا ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو مئچ ڏسڻ لاءِ دبئي ويل هو جنهن مان اسان جي حڪمرانن جي عوام جي جان مال جي حفاظت جي حوالي سان سنجيدگي نظر اچي رهي هئي.

بعد ۾ وزيراعظم وزير داخلا کي واپس گهرائي ورتو جڏهن ملڪ ۾ ٻڙڌڪ متل هجي انهي وقت ۾ گهرو معاملن کي سنڀاليندڙ وزير مئچ ڏسڻ لاءِ ملڪ ئي ڇڏي وڃي انهي کان وڌيڪ ڪا غير سنجيدگي ٿي ئي نه ٿي سگهي، پر سٺي ڳالهه آهي ته وزيراعظم کي انهي ڳالهه جو احساس ٿيو جنهن کانپوءِ ٻين جي معاملن ۾ گهڻو ڳالهائيندڙ گهرو وزير  واپس پهچي  پنهنجي ذميوارين ۽معاملن کي سنڀالڻ شروع ڪيو.

خبر ناهي ڇو اسان جي حڪمرانن کي وقت تي ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي يا اهي ڄاڻي واڻي معاملن کي وڌيڪ منجهائي پوءِ حل ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهن.هڪ ته حڪمرانن کي اهڙا واعدا يا معاهدا ڪرڻ ئي نه گهرجن جن تي هو عمل نه ڪري سگهن يا  جيڪي آئين يا قانون جي نظر ۾ غلط هجن.

اسان جا حڪمران پنهنجي پاڻ کي عارضي طور دٻاءُ مان ڪڍڻ لاءِ اهڙا معاهدا ته ڪري ڇڏيندا آهن پر پوءِ انهن معاهدن تي عمل لاءِ کين انهي دٻاءُ کان وڌيڪ دٻاءُ برداشت ڪرڻو پوندو آهي جيڪو سندن هر وقت مٿي جو سور بڻجي ويندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته اهي حڪومت جي رٽ تي به سمجهوتو ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن.اهڙو ئي ڪجهه لاهور ۾ ٿيل ڌرڻي وارن سان ڳالهين ۾ نظر آيو آهي.

جيڪڏهن حڪمران انهي احتجاج کي غير قانوني سمجهي رهيا هئا ته پوءِ انهن سان ڳالهيون ۽ ٺاهه ڇو ڪيو ويو؟ جيڪڏهن انهن جون ڳالهيون ۽ مطالبا جائز هئا ۽ اهي مڃڻا ئي هئا ته پوءِ پهرين اها سختي ڇو ڪئي وئي؟ جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ هڪڙو اضطراب به ڦهلجي ويو ته الائي ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي؟ ٻيو ته اهي اهلڪار جيڪي ڊيوٽي تي هئا انهن کي ڇو خطري ۾ وڌو ويو جن مان ٻن ڄڻن ته پنهنجي حياتي به فرصن تي قربان ڪري ڇڏي. جيڪڏهن وري حڪومت کي انهن سان ٺاهه ئي ڪرڻو هو ته پوءِ رڳو انهن جا مطالبا ڇو مڃيا ويا؟ جيڪي اهلڪار شهيد ٿيا آهن انهن جو خون ڇو رائيگان وڃڻ گهرجي؟ جيڪي ڌرڻو هڻندڙ بار بار اچي پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ مذهب جو نالو استعمال ڪري قانون ۽ حڪومت جي رٽ چئلينج ڪن ٿا انهن کي آخر ڪيستائين اجازت هوندي ته اهي قانون کي رانديڪو سمجهي کيڏندا وتن؟ انهن کان ڪا ضمانت ورتي وئي آهي ته اهي ڪڏهن به پنهنجي مطالبن لاءِ ڪو به غير قانوني قدم نه کڻندا ۽ شهرين کي اضطراب ۾ نه وجهندا؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ اهو معاهدو ڪيئن ٿيو پوءِ ته اهو قانون ۽ حڪومت جي رٽ کي سرينڊر ڪرڻ ٿيو جيڪو انهن احتجاج ڪندڙن آڏو ڪيو ويو آهي .

اسان سمجهون ٿا ته هر شهري کي پنهنجي مطالبن ۽ پاڻ سان ٿيل زيادتين خلاف احتجاج جو حق آهي پر اهو آئين ۽ قانون جي دائري اندر هجڻ گهرجي ٻيو ته حڪومت کي به اڳواٽ جذباتي فيصلا ڪرڻ بدران ٿڌي دماغ سان فيصلا ڪرڻ ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ گهرجي، نه ڪي پوءِ دٻاءُ ۾ اچي قانون ۽ حڪومت جي رٽ تان ئي هٿ کڻڻو پوي .

بهرحال هڪڙي هيجاني ۽ اضطراب واري ڪيفيت مان عوام جي جان ڇٽي آهي پر حڪومت اڳتي لاءِ ڪي قدم کڻڻ کان اڳ سوچي سمجهي فيصلا ڪري باقي رڳو ڊائيلاگ بازي ذريعي معاملا حل نه ٿيندا آهن.