وزيراعظم اسپيڪر کي 21 مارچ تي اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

0
154
مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي
مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف به بي اعتمادي جي رٿ جمع

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي 21 مارچ تي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي

ذريعن موجب اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم 21 مارچ تي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي

ياد رهي ته 8 مارچ تي مخالف ڌر وزيراعظم عمران خان خلاف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي هئي جڏهن ته ان دوران آئين جي آرٽيڪل 54-3 تحت قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي هئي

مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست تي قانون موجب اسپيڪر کي 14 ڏينهن اندر اجلاس گهرائڻ ضروري آهي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم پاران سويلين حساس ادارن کي پارليامينٽ ميمبرن جي سخت نگراني جو حڪم