ورسيءَ جي مناسبت سان … وٺي هر هر جنم وربو ….

0
183
ورسيءَ جي مناسبت سان ... وٺي هر هر جنم وربو ....

 جمن دربدر گذاري ويو آهي ۽ پوئتي ڇڏي ويو آهي ڪردار. ماڻهو مري ويندا آهن، پر ڪردار ياد رهندو آهي. چاهي اهو ڪردار وطن دوستي جو هجي يا وطن دشمني جو. چاهي اهو ڪردار جنگ ۽ فساد وارو هجي، يا امن ۽ ڀائيچاري وارو هجي، چاهي اهو ڪردار مزدور جي پاسي هجي يا سرمائيدار جي پاسي هجي، اهو سامراجيت سان سٻنڌ ۾ هجي يا مظلوم قوم جي حق ۾ هجي؛ ماڻهو جي سڃاڻپ تاريخ جي ڪتابن ۾ قيد ٿي ويندي آهي. جمن دربدر کاٻي پاسي بيٺل هو.

                 1942ع کان 20 آڪٽوبر 2022 تائين لڳ ڀڳ اسي سالن جي اها ڄمار، پنهنجي پورهيي سان امر ڪري ويو. زندگي اها هوندي اهي جيڪا ماڻهو جسماني طور مرڻ کان پوءِ جيئي ٿو. دربدر، شروع ۾ ڪميونسٽ سياست ڪئي. اسٽڊي سرڪل ڪيا، سياسي شعور جي واڌ ويجھ لاءِ ان تربيت جو سندس جيون سفر ۾ بنيادي ڪردار آهي. پوءِ قومپرستي جي نظريي تي ڄمي بيهي رهيو. ماما جمن، پاڻ چوندو هو ته عبدالواحد آريسر کيس قومي تحريڪ ۾ وٺي آيو هو، پر دربدر تي جنهن شخص گهڻو اثر ڇڏيو، اهو سائين جي ايم سيد هو. هن ڪڏهن به ليڊر هئڻ جي هام نه هنئي هئي. هڪ ڪارڪن جيان ئي سنڌ جا واهڻ وسنديون گهمندو رهيو. ڪافي ليکڪ جمن دربدر کي سماج سڌارڪ لکن ٿا. اها بدنيتي ۽ منافقت آهي ته هڪ قومي ڪارڪن کي سماج سڌارڪ لکيو وڃي. اها اين جي اوز جي ٻولي آهي. لکو ته ذميواري سان لکو، ماڻهو کان ان جو حقيقي تعارف نه کسيو.

امرڪوٽ ويجهڙ جي تاريخ ۾ ٻه وڏا ماڻهو پيدا ڪيا: عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر. ٻئي مدرسن مان نڪري قومپرست بڻيا. عبدالواحد ۽ جمن دربدر جي زندگي مان تاثر ملي ٿو ته هڪ پورهيت ڪلاس جو ماڻهو به هاڪاري ۽ عوام دوست سياست ڪري سگهي ٿو. اسان وٽ گهڻو ڪري پئسي وارا سياست ڪندا آهن، اهڙن نام نهاد سياستدانن پئسو گهڻو ڪمايو آهي، پر فضيلت واري سياست گهٽ ڪئي آهي. دربدر ۽ آريسر وڪاڻا نه. اهڙو ڪردار عبدالواحد ۽ جمن کي الڳ ڪري بيهاري ٿو. انهن ٻنهي ڪردارن جو تعلق امرڪوٽ سان آهي. اهو امرڪوٽ شهر، جيڪو ڪنهن ڀوتار جي مرڻ تي ته بند ٿئي ٿو، پر آريسر ۽ جمن جي وڇڙڻ تي بند نٿو ٿئي. اها آهي واپاري طبقي جي ذهنيت ۽ سڃاڻپ. شهر بند ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان جمن ۽ عبدالواحد جي شخصيت ۽ ڪردار تي ڪو اثر نٿو ٿئي، پر هڪ شهر جي واپاري سوچ تي سوال ضرور اُٿي ٿو.

جمن دربدر اسي جي ڏهاڪي کان سياست ڪئي. سياست سان گڏ هن فن کان به قومي ۽ طبقاتي شعور برپا ڪرڻ لاءِ سهارو ورتو. هي هڪ تخليقي ۽ تنقيدي شعور رکندڙ ترقي پسند، سيڪيولر ۽ روشن خيال آرٽسٽ ماڻهو هو. ادبي ۽ ثقافتي محاذ تي به ڪم ڪندو رهيو. سُر ساز، ناٽڪ، شاعري، مزاح، اداڪاري، رقص ۽ ٻيا سيڪيولر آرٽس کڻي پيو سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڳالھ ڪندو هو. رومال ڪُلهي تي رکي پيو سنڌ جهاڳيندو هو. هو سياست ۾ اهنسا ۽ عدم تشدد جو قائل هو.

هن ڪڻڪ جو لابارو ڪيو، بس تي ڪنڊڪٽر ٿي رهيو، هوٽل تي ٻاهر وارو ٿي رهيو، آرٽ کي ذريعهء معاش ۽ سياست جو ذريعو به بڻايو. هن ڪشٽ ڪاٽيا، ڏک ڏٺا، محنت مزدوري ڪئي، پر عشق کي سلامت رکيو. ڪٿي آڌي، ڪٿي اسر، ڪٿي بُک ته ڪٿي اُڃ، ڪٿي رولاڪي ته ڪٿي اوجاڳو. هن لوڪ گيتن ۾ ويساھ وڌو، شاعري ۽ سنگيت کي مزاحمت جي ميدان تي لاٿو. ڳايو وڄايو، سُر ساز کي ڇيڙيو، اسٽيج تي اداڪاري ڪئي، قومي پرچار ڪئي، ۽ انسانيت کي عام ڪيو. ماما جمن اهو سيکاريو ته فن جي سياست ۾ وڏي اهميت آهي. ۽ تنطيم سازي ۾ آرٽ ڪيڏو پُراثر ڪردار ادا ڪندو آهي.

ماما جمن هڪ سادڙو ماڻهو هو. پيار ۽ پريت سندس وڙ هو. بُک، ڏک، سُڃائي، ۽ دربدري سندس پيڇو ڪونه ڇڏيو. ماما، وڏن تجربن ۽ مشاهدن مان گذريو. ڏک ۽ عشق هن کي گهڻو ڪجھ سيکاري ويا. حُسن تي موهت ٿيندڙ ماڻهو هو. هو سنڌ جي ٻولي، ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جو به ڄاڻو هو. ماما جمن، سنڌ جي پراڻي ۽ اصلوڪي رهواسي جو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهو ڪردار، جيڪو موهن دڙي جي مٽي مان ڳوهيل آهي. جمن، ڌرتي جي حقن ۽ وسيلن بابت سجاڳ ٿئي ٿو ۽ انڊيجينئس موقف تي بيٺل رهي ٿو. جمن انڊيجينئس هو، ۽ ڌرتي جي ڪردارن روپلي ڪولهي، دولھ دريا خان، ۽ هوشو شيدي مان متاثر هو. سنڌ جو سنڌو درياءِ، ڪارونجهر، کيرٿر، گورک، سنڌ جي منڇر ۽ ڪينجهر، سنڌ جا ٻيٽ ۽ ساحل، سنڌو جو ڊيلٽا ڪيئن نشاني تي آهن؟ انهن جي تحفط ۽ حقن لاءِ جيڪو بيهي ٿو، اهو انڊيجنئس موقف تي بيٺل آهي. سامراجيت جي نظريي کي دوام ناهي.

ماڻهو جيڪڏهن سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ته ان لاءِ وزارتن، اسيمبلين، ٿاڻن ۽ آفيسن جي ضرورت ناهي. وڏن پراجيڪٽن ۽ فنڊنگ جي ضرورت ناهي. سرمايي ۽ سيڙپ جي به ضرورت ناهي. هي سڀ ڪجهه جنهن وٽ رهيو آهي، انهن بدعنواني کانسواءِ ٻيو ڪيو به ڇا آهي؟ جمن دربدر، مسند نشين، وزير، مشير، بيوروڪريٽ، پروفيسر، صحافي، دانشور، اين جي او جو ٽائڪون هو ڇا؟ پوليس ۽ واٺن جون گاڏيون پويان سندس پروٽوڪول ۾ هونديون هيون ڇا؟ وڏا بنگلا ۽ نوڪر گڏ هوندا هئس ڇا؟ هڪ عام ماڻهو جهڙو عام ماڻهو ئي هو. هڪ سادو فقير ماڻهو، جنهن جو وڙ هو هٿ جوڙ ۽ مُرڪ. ضرورت صرف شعور ۽ سچائي تي مبني ڪردار جي آهي. سنڌ جي پورهيت عوام جي پاسي ڪير بيٺل آهي؟ ۽ ڪير ان جي مخالف ۾ بيٺل آهي؟ اسان وٽ هٿ ٺوڪيا ڪوڙا جواب ته موجود آهن، پر دليل تي مبني سچ ڪونهي. ڪنهن بدعنوان ۽ بدڪردار ماڻهو، اين جي او ٽائڪون، بيوروڪريٽ کان ته پڇاڻو نٿو ٿئي، پر مثبت سياست ڪندڙ تي سوال اٿاريا وڃن ٿا. ڏسجي ته سنڌ کي Commodity  ۾ بدلايو ويو آهي. رائٽ ۽ سوڪالڊ ليفٽ سنڌ کي وکر بڻائي ڇڏيو آهي. اڪثر سياستدانن، شاعرن، صحافين، اديبن، نام نهاد دانشورن، اديبن، فنڪارن هر دور ۾ پنهنجي ضمير جو سودو ڪري پنهنجي پاڻ کي وڪرو ڪيو آهي، ۽ مفاد حاصل ڪيا آهن.

اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد نه ڪنهن کي ايندا هِن

ڪي ڪي ماڻهو تاريخن م نقش اڀاري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو پاڻ جيئڻ لاءِ قوم کي ماري ويندا هِن

ڪي ڪي ماڻهو مرندي مرندي قوم جياري ويندا هِن

(دربدر)

ماما جمن ذات، نسل ۽  Sect جي بنياد تي ڪو فرق ۽ تعصب نه رکندو هو. هڪ انسان دوست، ڀائيچاري وارو سيڪيولر رويو ماڻهو کي پيو موهيندو هو. هو اوچ نيچ ۽ طبقاتي فرق جو قائل نه هو، البته هن جي هر طبقي سان هٿ جوڙ هوندي هئي. هن مخالف نه، همدرد ۽ دوست پيدا ڪيا. ماما کي مهڻا ۽ طعنا مليا، الزام ۽ تهمتون مليون، ويندي ڪٿي ڪٿي ته گاريون به مليون، هن همراھ صبر ۽ محبت سان هٿ ٻڌي ۽ مُرڪي نڀايو. مزاح جو فن به ڄاڻندو هو. کل ڀوڳ چرچو سندس ٻيو تعارف هو. سدائين پيو کلندو ۽ کلائيندو هو. ماما ۾ خوبي اها مون محسوس ڪئي ته هو اختلاف راءِ جو احترام ڪندو هو، ۽ مُرڪي دفاع ۾ دليل ڏيندو هو.

جمن دربدر وٽ عجز ۽ انڪساري هئي، خلوص ۽ پيار هو. وڏي ڳالھ ته انسانيت هئي. هو ڪنهن به قسم جي تعصبي ۽ نفرت انگيز سوچ جو شڪار نه ٿيو، ڇو ته هن جي نظرياتي تربيت، مڪتبه فڪر ۽ پرورش ۾ اهڙي ڪابه سُتي پياريل نه هئي. ماما هڪ الستي ڪردار هو، سنڌ ۽ محبت جي پرچار پيو ڪندو هو. دربدر ٿي پيو سنڌ گهمندو هو. درد ۽ دربدري سان جو نڀائي، سو جمن آهي. جنهن جي شعور ۾ سنڌ ۽ انسانيت هجي ته اهو جمن آهي. جيڪو ماڻهو هر قسم جي تعصب ۽ نفرت جي برعڪس هجي اهو جمن آهي. هو ٿر ۾ مارئي جو روپ هو.

شاعري کي جيڪر رڌم سان گڏ کڻجي ته سياسي تحريڪن لاءِ ٻارڻ جو ڪم ڪندي آهي. جمن، شاعري ٿوري ڪئي، پر معياري ۽ فڪري شاعري ڪئي. هو راڳ ۾ ويراڳ ۽ شاعري ۾ به مزاحمت ۽ بغاوت ڪندو رهيو. هي هڪ بين الاقوامي خيال آهي. شاعر هر مظلوم انسان جي پاسي بيٺل آهي. ۽ دنيا جهان ۾ جتي به ناحق ٿئي ان جو پڙاڏو بڻجي ٿو:

هجي يورپ يا لبنان، جتي ماريو ويو انسان،

انهيءَ ماڻهوءَ سندي ارمان ۽ رت ڇاڻ ۾ ملبو.

جمن دربدر جو هي شاعرانه تخيل به ڪمال جو آهي:

وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،

ختم اونداھ ٿي ويندي، چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو.

هي سٽون ڪيترن ئي ڪتابن تي ڀاري آهن. شاعر جو هي تخيل دراصل هر دور جي ترقي پسند قومي طبقاتي جدوجهد جو استعارو آهي. هر هر جنم هر دور ۾ ٿيندو ۽ ڪيئي نوجوان ڄمندا جيڪي سنڌ جي مظلوم طبقي لاءِ ترقي پسند جهد ڪندا. جمن جهڙن ڪردارن کي سنڌ پيدا ڪندي رهندي، انهن جي سياسي جدوجهد جو نظريو اهو ئي هوندو، جنهن جي ذڪر جمن هن شعر ۾ ڪيو آهي. انهن سٽن جي تشريح شيخ اياز جي نظم جي هن بند سان ڪري سگهجي ٿي:

تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين،

مان توکان مُور نه مرڻو هان

گُنجار ڪندي جا مون کان پو،

تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان

ٻيو چارڻ بڻجي، چُنگ کڻي

مان ورڻو هان، مان ورڻو هان.

ماما جي وڇوڙي کان ڪجهه ڏينهن اڳ اسان، منهنجي گهر روحل واءِ کان نڪتاسين. علي اڪبر پڇيو ڪيڏانهن هلجي؟ مون چيو ماما جمن ۽ حليم باغي سان ڪچهري ٿا ڪريون. پون ڪمار ۽ اشيش راج به گڏ هليا. مون کي خبر نه هئي ته اها ملاقات آخري ملاقات هوندي. ماما ۾ هڪ مريادا هئي، هو ماڻهو ماڻهو جي پرک رکندو هو. ان ڏينهن ماما چيو هو: “سيد سان منهنجي محبت رهي آهي. آريسر سان گهر ڀاتي جهڙو رشتو هو. آريسر پنهنجي ڌيءَ کي پڙهائڻ لاءِ منهنجي گهر ڇڏي ويو هو… صحت جي ناسازي سبب ڳائيندو گهٽ آهيان. هاڻ ڪا تمنا ڪا آرزو ناهي، زندگي ڪوئي ايئن به گذاري ٿو.” ايئن يادن جا ڪافي دور کليا، اسان کلي خوب ادبي سياسي ڪچهري ڪئي. ماڻهو هليو ويندو آهي، ڪردار باقي رهندو آهي:

هي دنيا هل چل جي بستي هِت ماڻهو ايندا ويندا هِن

چار گهڙيون مهمان رهي پرلوڪ پڌاري ويندا هِن

اڪثر ماڻهو عهدي خاطر پاڻ وساري ويندا هِن

ڪي ڪي ماڻهو دربدر ٿي وقت گذاري ويندا هِن

(دربدر)

[email protected]