نگران حڪومت سنڌ ۾ جعلي ڀرتين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ڇڏيو

0
274

نگران حڪومت سنڌ ۾ جعلي ڀرتين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ڇڏيو، نگران حڪومت  طرفان اسڪولز ۾ غيرحاضر استادن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، استادن جي ڀرتين جي ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

نوٽيفڪيشن موجب اسڪولز ڊائريڪٽر استادن جي ڊيٽا 15 ڏينهن ۾ جمع ڪري رپورٽ پيش ڪن، استادن جو وڏو انگ سرڪاري اسڪولز مان غيرحاضر آهي

 تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين چيو آهي ته پهرين مرحلي ۾ استادن جي اپائنمنٽ ۽ تعليم بابت جاچ ڪئي ويندي ۽ گوسڙو استادن کي نوڪرين مان ڪڍيو ويندو

 نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته ڊائريڪٽر اسڪولز کان 5 دستاوير طلب ڪيا ويا آهن، جن ۾ سروس بڪ، پهرين پگهار جي سلپ، ايڪسپلينيشن ليٽر، اين او سي  ۽ حاضري رپورٽ شامل آهن

 رعنا حسين جو چوڻ هو ته نون استادن جو وڏو انگ نقرريءَ جو منتظر آهي، جن کي جوائننگ ڏيڻي آهي، ان ڪري گوسڙو ۽ ڪم چور استادن کي برطرف ڪري نون استادن کي مقرر ڪنداسين