نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز جي مصطفيٰ ڪالوني واسڻ عورت سلميٰ ملڪ جو پٽن سميت ڏيرن خلاف احتجاج، ڏيرن تي گهران ڪڍڻ جو الزام، 15 سال اڳ محبوب ملڪ سان شادي ٿي هئي، جنهن مان ٽن پٽن طلحه، ياسين ۽ طاھا جو اولاد آهي مڙس سعودي ڪمائيندو آهي، ڏيرن عبدالله ملڪ، فاروق، عارب، ناصر ملڪ گهر تي قبضو ڪري گهر کان بيدخل ڪري ڇڏيو آهي گهر مان قيمتي زيور ۽ ٻيو سامان به کڻڻ نه ٿو ڏنو وڃي، پوليس رشوت عيوض خاموش تماشائي بڻيل آهي جنهن سبب دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيان معامري جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.