نادر مگسي جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون: سردار چانڊيو

0
298

شهدادڪوٽ: اڳوڻي ايم پي اي سردار چانڊيو چيو آهي ته مير نادر مگسي جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، غلام سرور چانڊيو جي قتل ڪيس ۾ نادر مگسي جو نالو اسان نه پر مقتول جي وارثن کنيو آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي سردار چانڊيو چيو ته نادر مگسي اسان جي خلاف ڪيس ۾ ام رباب ۽ سندس مائٽن جي سرعام مدد ڪري رهيو آهي

May be an image of 3 people

سردار چانڊيو وڌيڪ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ هڪ به سيٽ نه کٽي سگهندڙ مير صاحب 5 سيٽون کٽڻ جا الائي ڪيئن خواب پيو ڏسي

هن جو چوڻ هو ته پنهنجي برادري ۽ حامين کي چوان ٿو ته ڪنهن جي لاءِ به اخلاق جي دائري ۾ رهي ڳالهائين

هي به پڙهندا

سردار عدالتن مان ڀڄي رهيا آهن: ام رباب چانڊيو

غلام سرور چانڊيو ڪيس ۾ ”قمبر وارن“ جي چوڻ تي منهنجو نالو ڏنو ويو: نادر مگسي