مٽياري( رپورٽر) مٽياري ڀرسان باهه لڳڻ سببa ڪولهي برادري جا گهر سڙي رک ٿي ويا آهن، ذريعن موجب ميمڻ جي وسين وٽ ويٺل ڀلو ڪولهي، درمو ڪولهي، وڪرم ڪولهي ۽ ٻين جي گهرن کي اچانڪ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهرن اندر پيل سمورو سامان، اناج، هنڌ بسترا، چوپايو مال سڙي رک ٿي ويو آهي جنهن بعد گهر مالڪ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، گهر مالڪن موجب باهه چلهه جي چڻنگ مان لڳي جنهن بعد سمورو سامان سڙي ۽ چوپايو مال به سڙي ويو آهي هنن جو چوڻ آهي ته اسان فائر برگيڊ گاڏي وارن کي اطلاع به ڏنو پر ڪير نه آيو جنهن ڪارڻ ڪجهه به بچائي نه سگهيا آهيون کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون وس وارن کان مدد جي اپيل ڪيون ٿا.