مٺي: مذهبي نفرت جو اظهار ڪندڙ جوابدار خلاف ڪيس داخل

0
471
مذهبي نفرت جو اظهار

مٺي(ن پ ا) مٺي ڀرسان ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ ڊرائيور پاران هندو ڌرم توهين ڪرڻ ۽ انتشار پکيڙڻ واري واقعي ۾ گرفتارجوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ٿر ڪول بلاڪ ون تي ڊرائيور طور نوڪري ڪندڙ جوابدار عبدالسلام ابو دائود هندو نينگر کي رستي تي پڪڙي هنڌو ڌرم کي گاريون ڏيڻ ۽ کيس هنڌو ڌرم خلاف زبردستي گاريون ڏيارڻ واري وڊيو سوشل ميڍيا تي وائرل ٿي هئي، عوام جي سخت رد عمل تي سنڌ سرڪار جي نوٽيس وٺڻ بعد جوابدا عبدالسلام ابو دائود کي مٺي پوليس کوسڪي ڀرسان گرفتار ڪري ورتو، سرڪاري فرياد تي جوابدار خلاف مذھب جي توهين ۽ نفرت پکيڙڻ جو ڪيس مٺي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي پاران ڄاڻايل واقعي بابت 4 وڳي پريس ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي.