ميهڙ ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي، شاهد جو بيان رڪارڊ، سردار چانڊيو نه آيو

0
256

دادو (رپورٽر)  ام رباب چانڊيو جي 3گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت ٻڌڻي ملتوي ٿي وئي، دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي  ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس بابت  ٻڌڻي 19 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

ٻڌڻي دوران ڪيس جي شاهد اعجاز چانڊيو جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو،  سردار چانڊيو پيش نه ٿيو، عدالت ٻيهر کيس پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو

عدالت ٻاهران ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته 2تاريخن تي سردار چانڊيو پيش نه ٿيو،  درخواست ڏني آهي ته هو ڇو عدالت ۾  پيش نه پيو ٿئي، عدالت سردار چانڊيو کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته شاهد اعجاز جو بيان رڪارڊ ٿي ويو آهي، سالن کان ڪيس جي پيروي ڪيون پيا، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، سردارن کي سزا ضرور ملندي