اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي ڪابينا سنڌ ۾ 16 لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان ان مامري جي مڪمل جاچ ڪرائڻ جي گهر ڪري ڇڏي، وفاقي ڪابينا باقي ملڪ جي مقابلي ۾عام واهپي جون شيون ججهي مقدار ۾ هجڻ باوجود سنڌ ۾ وڌيڪ قيمتن تي وڪرو ٿيڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وزيراعليٰ سنڌ کي مهانگائي جو ذميوار قرار ڏنو ويو، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه کي چوڻ چاهيان ٿو ته پنهنجا مامرا ٺيڪ ڪيو، ٻي صورت ۾ اسان کي ڪارروائي ڪرڻي پوندي،پوءِ اوهان جون دانهون ستين آسمان تي پهچنديون، توهان جون ناراضگيون شروع ٿي وينديون ۽ جمهوريت خطري ۾ اچي ويندي تفصيل موجب وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، وفاقي ڪابينا سنڌ ۾ عام واهپي جي شين جي  ججهي مقدار ۾ موجودگي باوجود قيمتن ۾ اضافي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو، وفاقي ڪابينا سنڌ ۾ 16 لک ٽن  ڪڻڪ چوري ٿيڻ تي به ڳڻتي جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيوآهي ته ان مامري جي مڪمل طور تي جاچ ڪرائي وڃي، اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس فواد چوڌري چيو ته مهانگائي جو سڀ کان وڏو مسئلو سنڌ صوبي ۾ خاص طور تي ڪراچي ۾ سامهون اچي رهيو آهي، ارڙهين آئيني ترميم کان پوءِ وفاقي حڪومت پاليسي ئي ڏئي سگهي ٿي، عملدرآمد صوبن کي ڪرڻو آهي، سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت ڪڻڪ ۽ کنڊ رليز ڪرڻ لاءِ چيو پر سنڌ حڪومت رليز نه ڪئي، بدقسمتي سان ڪراچي ۾ سڄي پاڪستان کان وڌيڪ قيمتون آهن، ڪڻڪ جي 20 ڪلو جو ٿيلهو لاهور ۾ 11 سئو رپيا ۽ ڪراچي ۾ 1461 رپين ۾ ملي ٿو، ائين کنڊ به ڪراچي ۾ 107 رپيا ڪلو ملي رهي آهي، جڏهن ته راولپنڊي، گجرانوالا، لاهور، فيصل  آباد، سرگوڌا، ملتان، پشاور ۾ کنڊ 90 رپيا ڪلو ملي رهي آهي، حيدرآباد ۾ به کنڊ في ڪلو 100 رپين ۾ ملي رهي آهي ۽ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 1443 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، ميڊيا سنڌ حڪومت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري، سنڌ جي شهري علائقن ۾ ماڻهو شديد مشڪلاتن ۾ آهن، ڇو ته سنڌ حڪومت بروقت فيصلا نه ڪري رهي آهي، جنهن سان تمام وڏو بحران پيد اٿي رهيو آهي، هن چيو ته اسان ڪڻڪ امپورٽ ڪري رهيا آهيون سنڌ حڪومت آرام سان چئي ڇڏيو ته اسان جي ڪڻڪ چوري ٿي وئي آهي اسان ڪڻڪ پرڏيهه مان گهرائڻ لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر خرچ ڪري رهيا آهيون ۽ هي مقامي ڪڻڪ لاءِ چئي رهيا آهن ته اها چوري ٿي وئي آهي، انهن شين کي تمام گهڻي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو، اسان غور ڪري رهيا آهيون ته سنڌ حڪومت ان حوالي سان ڪا ڪارروائي نه ڪئي ته پوءِ اسان کي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، پوءِ دانهون ستين آسمان تائين پهچنديون، ان ڪري مان سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه کي چوڻ چاهيان ٿو ته پنهنجا مامرا ٺيڪ ڪيو، ٻي صورت ۾ اسان کي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، پوءِ توهان جون ناراضگيون شروع ٿي وينديون ۽ جمهوريت خطري ۾ اچي ويندي ۽ چيو ويندو ته سنڌ ۾ هي ڪري ڇڏيو هو ڪري ڇڏيو آهي،  هن چيو ته سرڪاري زمين جي رڪارڊ کي ڊجيٽل ڪرڻ لاءِ ڪيڊسٽرل نقشابندي، سروي ڪرائڻ وقت به سنڌ حڪومت ڊيٽا فراهم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، سنڌ حڪومت ڊيٽا فراهم ڇو نه ڪئي ان بابت سڀني کي معلوم آهي، سڀ کان وڌيڪ ٻيلن جي زمين تي سنڌ ۾ ئي قبضا ٿيل آهن، 5 هزار ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي سرڪاري زمين تي قبضا آهن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته زرداري ۽ نواز شريف پارٽين کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو، مني لانڊرنگ جي ڪيسن کي اڳتي وڌڻ گهرجي ته جيئن حقيقتون ظاهر ٿين، هن چيو ته سنڌ حڪومت سان سرڪاري سطح تي وفاقي حڪومت رابطا ڪري ٿي انهن تي ڌيان نه ٿو ڏنو وڃي.