ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 39 ماڻهو فوت

0
173
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 39 ماڻهو فوت ٿي ويا، مثبت ڪيسز جي شرح 2.04 رڪارڊ ڪئي وئي، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 45519 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 930 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته 39 ماڻهو فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورنا ڪيسز جي شرح 2.04 سيڪڙو رهي، ڪورونا کان هن وقت تائين مجموعي طور تي 22073 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ڪل ڪيس جو تعداد 9 لک 50 هزار 768 ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيل تائين وائرس سان 8 لک 95 هزار 690 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.