ملا هيبت الله ھن وقت ڪٿي آھي؟ اھم طالبان اڳواڻ ٻڌائي ڇڏيو

0
367

ڪابل:افغان طالبان جو سربراهه ملا هيبت الله قنڌار ۾ آهي، طالبان ترجمان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ملا هيبت الله جلد منظر عام تي ايندو، ڪابل ۾ گڏيل حڪومت لاءِ مشاورت جاري آهي، امن امان جي صورتحال ۽ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي طئه ڪئي ويندي.

برطانوي خابرو اداري موجب ملا هيبت الله ڪڏھن بھ پاڻ کي عوام آڏو پيش ناھي ڪيو ۽ ان جو ٺڪاڻو ڳجھل رھندو آھي، ھن وقت اطلاع آھن تھ ھو افغانستان ۾ ئي موجود آھي.

طالبان جي نائب ترجمان بلال ڪريمي رائٽرز کي ٻڌايو آھي تھ ملا هيبت الله اخوندزادا افغانستان ۾ ئي موجود آھي ۽ ھو جلد عوام جي سامھون اچي ويندو.

ان کان اڳ طالبان ترجمان ذبيح الله مجاھد ٻڌايو ھو تھ ملا هيبت الله ھن وقت قنڌار ۾ موجود آھي ۽ ڪيتري وقت کان ھتي رھائش پذير آھي.