مخالف جيل ۾ هجي ۽ اسان جلسا ڪريون ته مزو نه ايندو: فضل الرحمان

0
134

پشاور: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مخالف جيل ۾ هجي ۽ اسان جلسا ڪريون ته مزو نه ايندو، منهنجا هٿ کُليل آهن ته مخالف جا هٿ به کُليل هجڻ گهرجن، آئون چاهيان ٿو هر سياستدان جيل کان ٻاهر هجي

هن چيو ته خبر ناهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي بند ڪمرن ۾ ويهي ملڪ هلائين ٿا ۽ پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهن ٿا، اسٽيبلشمينٽ ۽ بيورو ڪريسي جي پڪڙ ڪمزور ٿي چڪي آهي

مولانا فضل الرحمان چيو ته اهڙين حالتن ۾ اليڪشن ٿي ته چونڊ عمل تباهه ٿي ويندو، ڪمزورين جو ذڪر ڪريان ته چيو ويندو آهي چونڊون ملتوي ڪرائڻ گهران ٿو، چونڊون ملتوي نٿو ڪرائڻ گهران، جيڪي ائين سمجهن ٿا، اُهي ڪي پي ۾ بلدياتي چونڊن جا نتيجا ڏسن

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته نظر اچي پيو ته افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ تلخيون وڌي رهيون آهن، بظاهر چيو وڃي ٿو غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهي واپس هليا وڃن، پر ائين ڇو آهي ته هٿ رڳو پشتونن ۾ وڌا پيا وڃن، هڪ مهينو يا هڪ سال مهمان جي گهر ۾ خدمت ڪندا رهو ۽ پوءِ لت هڻو ڪڍيو ته اها خدمت ختم ٿي ويندي