متان نه مڃين !تعليم سان تبديلي

0
153
متان نه مڃين !تعليم سان تبديلي

  ويھه يا ٽيھه سال اڳ ۾ ميگهواڙن جي باري ۾ الڳ تصور هوندو هو، ماڻهو ميگھواڙن کي شايد سڀ کان گهٽ عقل واري برادري تسليم ڪندا هئا، اهو نه پر ننڍيون ننڍيون ٺٺوليون ۽ چرچا به ميگهواڙن تي ڪندا هئا..پوءِ وقت بدليو.. ميگهواڙن تعليم کي ترجيح ڏني، ويھه ٽيھه سالن جي مختصر تعليمي جدوجهد کانپوءِ هاڻ ميگهواڙن هر شعبي ۾ پنهنجي موجودگي جو ڀرپور حساس ڏياريو آهي.. خاص ڪري ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ ميگھواڙ برادري کي  ليڊ حاصل آهي.. ميگھواڙ تعليم کي ڪيترو ضروري سمجهن ٿا انهي جو اندازو ان ڳالھه مان لڳايو ته هڪ غريب پورهيت امولک ميگھواڙ پنهنجي 6 ڌيئرن کي اعليٰ تعليم ڏياري.. هڪ ڌي ايل ايل بي ڪري هينئر سرڪاري نوڪري پئي ڪري.. ٻي ڌيءَ بي ايس سي ۽ ايم اي ڪري برطانيا ۾ آهي..ٽين ڌيءَ ميٽرڪ ڪئي، چوٿين ڌيءَ انجنيئر آهي دبئي ۾، پنجين ڌيءَ انٽرميڊيئٽ جي امتحان ۾ 96.18 مارڪون کنيون آهن.. ڇهين ڌيءَ نائين ڪلاس ۾ پڙهي پئي.. (راءِ چند ميگهواڙ جي فيس بوڪ وال تان ورتل)