مانجھند (رپورٽ: يعقوب ڪوريجو) مانجھند ڀرسان ڪلري وٽ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب تيز رفتار مسافر وين ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا فوت، 10 کان وڌيڪ زخمي، 5 جي حالت ڳڻتي جوڳي. تفصيل موجب مانجھند ڀرسان ڪلري وٽ سيوھڻ کان ڄامشورو ويندڙ تيز رفتار وين ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. حادثي جي فورن بعد تعلقي اسپتال مانجھند سميت رورل ھيلٿ سينٽر سن پي پي ايچ آءِ کاڻوٺ ۽ لاکا جون ايمبولينسون حادثي جي زخمين ۽ فوتين کي کڻي اسپتالن تائين پهچايو. رورل ھيلٿ سينٽر سن ۾ سھولتن جي کوٽ سبب حادثي جي زخمين کي تعلقا اسپتال مانجھند منتقل ڪيو ويو، مانجھند تعلقي اسپتال ۾ عورت سميت 4 ڄڻن جا لاش پھچايا ويا جن مان ٻن لاشن جي سڃاڻپ جھانگارا واسي مولا بخش پٽ مشتاق ٻٻر ۽ جان محمد پٽ علي نواز پنھور ڳوٺ الھورايو پنھور طور ٿي جڏھن ته حادثي جي ستن زخمين کي مانجھند اسپتال پھچايو ويو جن ۾ ڌاٻيجي واسي خميسو پٽ رحيم ڏيٿو، رخسانا زال خميسو ڏيٿو، غلام صغيره ڌيءُ خميسو ڏيٿو، غلام رڪيه ڌي خميسو ڏيٿو ڪراچي جي مسڪين ڪالوني واسي زيشان پٽ ادريس پنجابي، دادو واسي ايڪسائيز عملدار محمد منصور پٽ راحب چانڊيو ۽ نديم پٽ محمد حسن پنھور ڳوٺ الھورايو پنھور دادو شامل آھن جڏھن ته حادثي جي وڌيڪ زخمين کي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو. تعلقا اسپتال مانجھند ۾ منتقل ڪيل زخمين مان پنجن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، حادثي ۾ متاثر ٿيل وين کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.