مائڪروسافٽ جي باني بل گيٽس کي هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو ويو

0
238
مائڪروسافٽ جي باني

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي مائڪروسافٽ جي باني بل گيٽس کي هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو.  بل اينڊ ميلنڊا گيٽس جي ڪو چيئرمين بل گيٽس کي ايوان صدر ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ هلال پاڪستان جو اعزاز ڏنو ويو، تقريب ۾ وفاقي وزيرن پڻ شرڪت ڪئي

ان کان اڳ بل گيٽس وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي هئي جڏهن ته دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ مائڪروسافٽ جي باني اين سي او سي هيڊ ڪوارٽر جو دورو پڻ ڪيو هو.