لاھور: ويڳي ماءُ پنھنجي ٻن معصوم ٻارن کي ڪرنٽ ھڻي قتل ڪري ڇڏيو

0
199

لاھور (بيورو رپورٽ) رائيونڊ ۾ ويڳي ماءُ مبينا طور تي ڪرنٽ لڳائي ٻن معصوم ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جو ان سلسلي ۾ چوڻ آھي تھ ٻن معصوم ٻارن جي قتل جو واقعو رائيونڊ جي ڳوٺ بابليانا اوتارڊ ۾ پيش آيو، ٻارن کي انھن جي ويڳي ماءُ ڪرنٽ لڳائي ۽ پنھنجو ھڪ پٽ کڻي فرار ٿي وئي، ھن کي ڪاوڙ ھئي تھ والد ٻارن کي پڙھائڻ چاھيندو ھو، پوليس موجب 6 ورھين جي ابوذر ۽ 4 ورھين جي عمان شھزادي جي امڙ فوت ٿي وئي، والد خرم شھزاد 6 ورھين بعد انيلا سان ٻئي شادي ڪئي، خرم شھزاد ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ چاھيندو ھو، ان تي ويڳي ماءُ ڪاوڙ ۾ اچي ٻارن کي ڪرنٽ لڳائي قتل ڪري فرار ٿي وئي.