لاڙڪاڻو: مال پڙي ۾ جانورن جا اگهه چوٽ چڙهيل، شهري چڪر لڳائي واپس، خريداري کان لاچار

0
311

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ قرباني جي عيد ويجهو ايندي ئي جانورن جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا، ڪورونا سبب ڍورن جي وڪري ۾ گهٽتائي اچي وئي، واپاري سخت پريشان. خبر موجب قرباني جي عيد ويجهو ايندي ئي لاڙڪاڻي جي مال پڙي جانورن سان ڀرجي وئي آهي، جڏهن ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سان خريداري تمام گهٽ آهي، هوڏانهن واپارين مهانگائي سبب ڍورن جا اگهه چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري شهري خريداري کان لاچار بڻيل آهن، مال منڊي ۾ ڇيلا ڍڳا ۽ سانهه وڪري لاءِ آندا ويا آهي، جڏهن ته ٻڪرن جو اگھه 20 هزارن کان 60 هزارن تائين ۽ ڍڳن جا اگھه 50 هزارن کان هڪ لک تائين مقرر ڪيا ويا آهن، ان سلسلي ۾ واپاري عرس ابڙو، حميد سومرو، غلام نبي جتوئي ۽ ٻين چيو ته ماهي ڍورن جا ريٽ گهٽ ملي رهيا آھن، هن سال خريداري تمام گهٽ آهي، لڳي ٿو قرضي ٿي وينداسين، هنن چيو ته ڍورن کي 12 مهينا کارايون پياريون ٿا، پر وقت اچڻ تي صحيح پئسا به نه پيا ملن. هنن چيو ته ماڻهو صرف ڍورن جا اگهه پڇي روانا ٿي وڃن ٿا، جيڪي موٽي منهن نه ٿا ڪن. هنن ٻڌايو ته ڪامورو ۽ گلابي نسل جي ڇيلن جو وزن هڪ مڻ کان اڍائي مڻ ٿيڻ سبب اگهه 30 هزار روپين کان 80 هزار روپين تائين آهي، جڏهن ته عام نسل جا ٻڪرا 10 هزار کان 30 هزار روپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهيون. واپارين موجب ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون کان پوءِ مسلسل ڪاروبار ۾ ٻاڙائي آهي، جنهن ڪري عيد العضحيٰ جي قرباني لاءِ ڍورن جي خريداري گهٽ ٿي وئي آهي.