فيص گنج مان ڄاڻايل ناري هٿ، جسم تي ڏنڀ ڏئي جنسي زيادتي جو انڪشاف

0
102
فيص گنج مان ڄاڻايل ناري هٿ، جسم تي ڏنڀ ڏئي جنسي زيادتي جو انڪشاف
فيص گنج مان ڄاڻايل ناري هٿ، جسم تي ڏنڀ ڏئي جنسي زيادتي جو انڪشاف

فيص گنج مان مبينا اغوا ٿيل ناري هٿ، مٿي جا وار ڪتري ۽ جسم تي ڏنڀ  ڏئي جنسي زيادتي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي

 ڳوٺ مٺو اسلامي مان 20 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل ناريءَ کي جوابدار ڳوٺ ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، ناري زخمي حالت ۾ ٿاڻي منتقل

هٿ آيل ناري پاران جوابدارن تي زنجيرن سان ٻڌي جنسي زيادتي، تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻائڻ جو الزام هنيو آهي

متاثر ناريءَ موجب  عاصم، انصاف، راشد ۽ ڪاشف اسلامي گهران اغوا ڪري ويا، جوابدارن هڪ خالي جڳهه ۾ زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪيو

ناري چيو ته جوابدار عاصم جنسي زيادتي ڪندو رهيو، جوابدارن تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ مٿي جا وار ڪتري تذليل به ڪئي

 ناريءَ جي مڙس سرفراز اسلامي موجب جوابدار عاصم منهنجي زال کي تنگ ڪندو هو، دوستي نه رکڻ تي ساٿين سميت کيس اغوا ڪيو، پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، 2 جوابدارن عاصم ۽ انصاف اسلامي گرفتار ڪيو ويو