غوثپور ويجهو سئوٽ ۽ ماسات وڙهي پيا، نوجوان مارجي ويو

0
386

غوثپور(ن پ ا) غوثپور ويجهو ڳوٺ مير احمد جاگيراڻي ڀرسان ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ سونو ميراڻي قتل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز، اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال ۾ کڻائي وئي، جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏي، جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي سندس جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقو سوڳوار بڻجي ويو، غوثپور پوليس ٻڌايو ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ ۽ ماسات آهن ٻنهي ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان واقعو پيش آيو، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن.