جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار جي گھر تي گرفتاري لاءِ آيل نيب ٽيم تي حملي وارو مامرو، پوليس پاران ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪيل صوبائي صلاحڪار جو ڀاءُ آجو قرار، گرفتار 6 جوابدار عدالت ۾ پيش، ٻه ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي، ايف آءِ آر ۾ دھشتگردي جا قلم شامل نه ڪرڻ تي ايس ايڇ او کي شوڪاز، ڪيس ۽ جوابدار 5 جولاءِ تي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم. خبر موجب جيڪب آباد ۾ صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي گرفتاري لاءِ سندس گھر تي ڇاپي دوران نيب ٽيم تي حملي واري ڪيس ۾ پوليس ھڪ ڏينهن اڳ ڊرامائي انداز ۾ پيپلز سيڪريٽريٽ تي چڙهائي ڪري صوبائي صلاحڪار جي ننڍي ڀاءُ آزاد جکراڻي، سئوٽ ولي خان جکراڻي، جاويد بروهي، سجاد مستوئي ۽ عابد ڀٽي سميت 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ھو، ان ڏس ۾ پوليس صوبائي صلاحڪار جي ننڍي ڀاءُ آزاد جکراڻي کي نيب ٽيم تي حملي واري معاملي مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب پوليس جي فرياد تي داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي توڙي شاھدن صوبائي صلاحڪار جي ڀاءُ جي سڃاڻپ نه ڪئي، جنهن بعد سندس نالو ڪيس ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس گرفتار ڪيل صوبائي صلاحڪار جي سئوٽ ولي محمد جکراڻي، ديدار جکراڻي، سجاد مستوئي، جاويد بروهي ۽ عابد ڀٽي سميت 6 جوابدارن کي سيڪنڊ سول جج محمد احسن شيخ جي عدالت ۾ پيش ڪري 14 ڏينهن جي رمانڊ جي درخواست ڪئي، عدالت پاران نيب ٽيم تي تشدد واري داخل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ٻڌڻ جوڳو قرار ڏيندي ايس ايڇ او سول لائن محمد شريف مھر کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ته عدالت پوليس کي چيو ته نيب ٽيم تي تشدد واري مامري مطابق دھشتگردي جا قلم شامل ڪرڻا ھئا پر اوهان ڪيس ۾ اھي قلم شامل ناهن ڪيا؟ عدالت گرفتار جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ بعد حڪم ڏنو ته نيب تشدد واري داخل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن ۽ ڪيس کي لاڳاپيل دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 5 جولاءِ تي پيش ڪيو وڃي، ھوڏانھن ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سول لائن محمد شريف مھر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته صوبائي صلاحڪار جي ڀاءُ آزاد جکراڻي نيب ٽيم تي تشدد ۾ ملوث ناهي، پوليس جاءِ واردات جي فوٽيج ۾ چڱي طرح جاچ ڪرڻ بعد آزاد جکراڻي جو نالو ڪيس ۾ شامل نه ڪيو، جنهن بعد کيس آزاد ڪيو ويو آهي.