شڪارپور: ايس ايڇ او، سندس پٽ ۽ 3پوليس اهلڪار بازياب

0
323

شڪارپور: ھفتو اڳ ڏوھارين ھٿا اغوا ٿي ويل ايس ايڇ او، سندس پٽ ۽ 3 پوليس اهلڪار بازياب ٿي ويا آهن

پوليس موجب ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان ڌاڙيلن ھٿان ايس ايڇ او محبوب بروھي سميت 5 ڄڻن کي آزاد ڪرايو آهي

آزاد ٿيلن ۾ايس ايڇ او محبوب بروھي، سندس  پٽ، محمد علي بروهي ،نسيم  گوپانگ ۽ ٻيا شامل آهن

ايس ايڇ او ۽ اهلڪار ڊيل تحت بازياب ناهن ٿيا: ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي

ٻئي پاسي ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي چيو آهي هڪ ڌاڙيل جي گرفتاريءَ تان پوليس جا جوان اغوا ٿيا، ڊيل ناهي ڪئي، ڊيل ڪريون ها ته ڌاڙيلن کي ڇڏيون ها، اسان ان ڌاڙيل کي گذريل ڏينهن چالان ڪري ڇڏيو

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي سکر چيو ته گڏيل آپريشن مغوين جي ذريعي بازيابي عمل ۾ آئي، ڌاڙيلن کي چئون ٿا ته ڏوهن جي دنيا ڇڏي ڏين، جنهن کي وڙهڻ جو شوق آهي ته اچي وڙهي

 ايس ايس پي خالد مصطفيٰ ڪورائي چيو ته ڏوهارين کي معافي ناهي، اسان ٻيڙا ساڙي نڪتا آهيون، پوليس وارا محافظ آهن، انهن جي عزت ڪريو، پوليس کي چيو آهي ته ڪوڙا ڪيسز داخل نه ڪريو،اڃا ته هي ٽريلر آهي، فلم باقي رهيل آهي، جيڪو ڏوهاري پيش ٿيڻ چاهي ٿو ته پيش ٿئي، اسان ڌاڙيلن خلاف هوم ورڪ مڪمل  ڪري ڇڏيو آهي

 ايس ايڇ او محبوب بروهي چيو ته ڌاڙيلن ٿاڻي تي حملو ڪري يرغمال بڻايو ۽ موٽرسائيڪلز تي کڻي جهنگ ۾ باندي بڻايو، ڏوهارين اسان تي ڪو به تشدد نه ڪيو، اسان کي چيو ويو ته پنهنجي آفيسرز سان ڳالهايو ته اسان جو گرفتار ڪيل ماڻهو آزاد ڪن

 اسان کين چيو ته ماري ڇڏيو پر اوهان آڏو نه جهڪنداسين، اسان جا حوصلا بلند آهن، اوهان جي دڙڪن ۽ داٻن ۾ نه اينداسين

هي به پڙهندا

ڪُنب ڀرسان ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران سيٺارجا ٿاڻي جو اي ايس آءِ شهيد