شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ۾ نينگري پئسن عيوض وڪرو ڪري پرڻائڻ جو انڪشاف، پوليس جو ڇاپو، گهوٽ ڪنوار کي ٿاڻي تي وٺي آئي،  ڪيس داخل، ان ڏس ۾ شيخ ڀرڪيو ۾ 14 ورهين جي نينگري کي سندس پيءُ پاران 2 لک رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان   شيخ ڀرڪيو پوليس موجب ته   ننڍي عمر جي شادي واري اطلاح تي  ڇاپو هڻي گهوٽ ولي محمد مري ۽ نينگري ثمرن شيخ کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو آهي، ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو چائلڊ ايڪٽ تحت سرڪاري مديت ۾ گهوٽ ولي محمد مري،  ڪنوار ثمرن شيخ،  سندن وارث علي محمد شيخ، محمد بخش مري ۽  نڪاح جي شاهدن عامر شيخ، علي حيدر شيخ، نڪاح پڙهائيندڙ مولوي سرور تي ايف آءِ آر درج ڪئي وئي آهي، جن کي اڄ   ٽنڊو محمد خان جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته ذريعن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته ته علي محمد شيخ 2 لک رپين عيوض  ڌيءُ  کي وڪرو ڪيو، جنهن جي هڪ ڏينهن اڳ شادي ڪرائي وئي هئي.