شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان ڳوٺ گل محمد عمراڻي واسڻ ٽن ٻارن جي ماءُ بشيران اوڏ پنهنجن ٻارن سان گڏ مڙس خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته مڙس نشي جو عادي آهي روزانو جي بنياد تي نشي لاءِ پئسن جي گهُر ڪري ٿو نه ڏيڻ تان بنا جواز مٿس ۽ ٻارن تي تشدد ڪري ٿو، جنهن سبب عدالت ۾ طلاق جي درخواست داخل ڪرائي ته مڙس مڇرجي ماءُ جي گهران اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مڙس ٽن ورهين جي ڌيءُ وصيلا کي زبردستي کڻي وڃي پاڻ وٽ قيد ڪري سرن جي بٺي تي پورهيو ڪرائي رهيو آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڌيءُ کي بازياب ڪرائي مڙس خلاف قانون قدم کڻي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.