شهباز شريف! حڪومت نٿا هلائي سگهو ته پوءِ سازش ڇو ڪئي؟ عمران خان

0
248
حڪومت نٿا هلائي سگهو ته پوءِ سازش ڇو ڪئي
شهباز شريف! حڪومت نٿا هلائي سگهو ته پوءِ سازش ڇو ڪئي؟ عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان الزام هنيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن سان گڏجي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪري رهي آهي، شهباز شريف گهٻرائجي ويو آهي، جيڪڏهن اوهان کان حڪومت نٿي هلي ته پوءِ سازش ڇو ڪئي؟

دير بالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته اسرائيل، امريڪا ۽ ڀارت گڏجي سازش ڪئي ۽ حڪمرانن کي اسان مٿان مڙهيو، شهباز شريف کي اِن ڪري اقتدار ۾ آندو ويو ڇو جو هي آقا جو هر حڪم مڃيندو آهي

عمران خان چيو آهي ته حڪومت آقائن جي حڪم تي پيٽرول 60 رپيا مهانگو ڪيو، جنهن جي دل ۾ انسانيت هوندي، اُهو ايتري مهانگائي نه ڪندو

پي ٽي آءِ چيئرمين الزام هنيو ته هي اليڪشن ڪميشن سان گڏجي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، 25 جي رات جيڪو ظلم ڪيو ويو، ايڏو ظلم ڪڏهن ناهي ڏٺو، ماڻهن کي ڊيڄاريو ويو ته جيئن گهرن مان ٻاهر نه نڪري سگهن ۽ غلامي جي زنجير ۾ ٻڌل رهن