شلوار قميص ۽ مٿي تي رومال، اڳوڻو برطانوي فوجي ڪابل مان فرار

0
467
شلوار قميص ۽ مٿي تي رومال

ڪابل: طالبان جي ڪابل تي ڪنٽرول بعد اڳوڻي برطانوي فوجي لائيڊ ڪيمر جي ملڪ مان فرار ٿيڻ جون تصويرون منظر عام تي اچي ويون آهن. ميڊيا رپورٽن مطابق ، 60 سالن جو لائيڊ ڪيمر هڪ رٽائرڊ برطانوي فوجي آهي ، جنهن 35 سالن تائين فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ، پر طالبان جي ڪابل تي قبضو ڪرڻ کان اڳ نجي شعبي ۾ شامل هو. برطانوي پرڏيهي آفيس پاران شهرين کي هدايت ڪئي وئي هئي ته هو طالبان جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ايئرپورٽ کان پري رهن، پر لائيڊ انهن هدايتن کي نظرانداز ڪيو ۽ جلد کان جلد ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. برطانوي ويب سائيٽ ڊيلي ميل سان ڳالهائيندي لائيڊ ڪيمر چيو ته جيڪڏهن مان پرڏيهي آفيس جي حڪمن تي عمل ڪريان ها ته شايد اڄ جيئرو نه هجان ها، ان ڪري مون هڪ قميص ، شلوار ۽ هڪ رومال مٿي تي رکيو ، جيڪو هڪ افغان هجڻ جو بهانو هو ۽ ڪرزئي ايئرپورٽ تان پنھنجو سفر شروع ڪيو.