سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 14 مريض فوت، 713 نوان ڪيس ظاهر

0
284

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 713 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جڏهن ته 14 مريض فوت ٿي ويا، اهڙي ريت صوبي ۾ فوتين جو انگ وڌي 5،478 ٿي ويو آهي. هن وقت 19526 مريض علاج هيٺ آهن.جن مان 559 مريضن جي حالت نازڪ ۽ 46 مريض وينٽيليٽر تي آهن.