سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تي قبضو ڪندڙ لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

0
324

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمينن تي قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ  لينڊ گريبرن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي

اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ اسپيشل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي

ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ فورس راجا طارق چانڊيو جي سربراهي ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جو هنگامي اجلاس ٿيو

ترجمان موجب اجلاس ۾ ڊي ايس پي آپريشن طارق اسلام، اي ڊي عبدالوحيد بلو ۽ ٻين شرڪت ڪئي،  سڄي سنڌ ۾ 480 لينڊ گريبرن خلاف ڪيس ٿيل آهن

اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي ترجمان موجب ڪراچي ۾  473 لينڊ گريبرن خلاف ڪيس ٿيل آهن، 99 سيڪڙو قبضا مافيا ڪراچي جي قيمتي زمينن تي  قبضو ڪيوآهي

مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون تيزڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي هفتيوار آپريشن جي رپورٽ چيڪ ڪئي ويندي