ڄامشورو(رپورٽ:ميرمرتضيٰ نوحاڻي) سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل تي پوليس اٽالن چڙهائي ڪري ڪيترائي شاگرد گرفتار ڪري ورتا، ان ڏس ۾ سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلن تي ڄامشوري ضلعي جي مختلف ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏن اٽالن چڙهائي ڪئي. هاسٽلن تي چڙهائي دوران مک گيٽ تان 10 کان وڌيڪ شاگردن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس چڙهائي دوران اسلم سنڌي، جبار بوزدار، علي بروھي، حسنين سنڌي، ثقلين سنڌي، سعود نوحاڻي ۽ ٻيا گرفتار ڪيا ويا. پوليس اٽالن جي چڙهائي دوران هاسٽل گيٽ ميداني جنگ بڻجي ويو شاگردن ۽ پوليس پاران هڪ ٻئي مٿان شديد پٿرا ڪيو جڏهن ته شاگردن تي سي سي لان وٽ پوليس لٺ بازي ڪري شاگردن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جي سوين شاگردن پاران گرفتاريون ۽ پوليس چڙهائي خلاف هاسٽل گيٽ اندر ڌرڻو هڻي شديد پوليس ۽ يونيورسٽي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪندي گرفتار شاگردن جي آزادي جو مطالبو ڪيو جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ انتظاميا پوليس چڙهائي واري معاملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏيو رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار غلام محمد ڀٽو ٻڌايو ته هاسٽلن تي پوليس چڙهائي جي ڪا به ڄاڻ ناهي ٻئي پاسي بار بار رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي ڄامشورو جو موقف سامهون نه اچي سگهيو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين هاسٽل گيٽ تي پوليس اٽالا بختر بند گاڏيون ۽ اسپيشل ڪمانڊوز وڏي انگ ۾ موجود رهيا. ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي جي هاسٽل اندر علي ابڙو،آصف سنڌي،نادر ڀيلار ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ هاسٽلن تي پوليس چڙهائي ۽ گرفتار شاگردن جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو ويو. شاگردن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته يونيورسٽي اندر شاگردن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ شاگردن تنظيمن لاءِ انتظاميا ۽ پوليس رڻ ٻاري ڏنو آهي سياسي سرگرميون ڪرڻ تي شاگردن جي رستا روڪ ڪندي شاگردن مٿان بدترين تشدد ڪري ڪيترائي شاگرد گرفتار ڪيا ويا آهن.