سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجهو آبادگار پاران علائقي ۾ پهريون ڀيرو پوکيل کاڄن جو فصل لھي ويو، گھٽ خرچ تي تيار ٿيندڙ فصل جو مارڪيٽ ۾ اگهه نه ھجڻ ڪري آبادگار پريشان ٿي ويو آهي، رپورٽ موجب ھنڱورنو ڀرسان ڳوٺ نور محمد شر ۾ آبادگار محمد علي ڪنڀر پاران پھريون ڀيرو کاڄن جو فصل پوکيو ويو، جيڪو تيار ٿي ويو آھي، جنھن جو مارڪيٽ ۾ اگهه نه هجڻ سبب آبادگار پريشاني جو شڪار ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ آبادگار محمد علي ڪنڀر پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته کاڄا لاٽياسي ۽ وارياسي زمين ۾ ٿين ٿا، ھي بوسي فصل آھي، جيڪو گھٽ ڀاڻ ۽ گھٽ پاڻي تي تيار ٿئي ٿو، مگر ڪوالٽي وائيز ھن جو 8 ھزار کان 12 ھزار روپين تائين مڻ وڪامي ٿو، پر هتي مارڪيٽ ۾ صحيح اگهه نه ملڻ سبب پريشاني جو شڪار آھيون، ھوڏانھن آبادگار ۽ زرعي ماھر عبدالقادر شر جو چوڻ آهي ته کاڄا پاڪستان ۾ ھڪ ھزار ھيڪٽرن تي پوکيا وڃن ٿا جنھن ۾ 92 سيڪڙو پنجاب ۽ 7 سيڪڙو ڪي پي ڪي ۽ ھڪ سيڪڙو سنڌ ۾ ٿين ٿا، کاڄن مان کاڄرون تيل پڻ حاصل ڪيو وڃي ٿو، کاڄا غريب طبقو خشڪ فروٽ طور وڌ کان وڌ استعمال ڪري ٿو، ھن چيو ته سنڌڙي تعلقي جون زمينون ھن فصل لاءِ بهتر آهن، وڌ کان وڌ پوکي سبب ھتي مارڪيٽ ٺھي سگھي، ھن چيو ته روايتي فصلن کان ھٽي ڪري نوان فصل پوکڻ ۾ زراعت کاتو وڌ کان وڌ رھنمائي ڪري جيئن وڌيڪ زرعي جنسون پوکي سگھجن.