اسلام آباد(بيورورپورٽ) سنڌو درياءِ جي وهڪرن تي وڌيڪ هڪ ڊيم جي تعمير جو هڪ مرحلو مڪمل ٿي ويو،  واپڊا داسو بجلي منصوبي جي تعمير لاءِ ڊائيورزن مڪمل ڪري سنڌو درياءَ  جو رخ موڙي ڇڏيو،  بجلي جي پيداوار لاءِ سنڌوءَ جي وهڪرن کي گهٽ ڪرڻ واري رٿا جو هڪ مرحلو مڪمل ٿي ويو. وشال سنڌو جي پاڻي کي 20 ميٽر ويڪري سرنگهه مان گذاريو ويندو. واپڊا لاهور پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته داسو هائڊرو پاور پراجيڪٽ پنهنجي تعميراتي مرحلي ۾ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو. ڊائيورزن سرنگهه مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن بعد سنڌو درياءَ جو رخ موڙيو ويو آهي، هاڻ درياءَ پنهنجي قدرتي رستي بدران ڊائيورزن سرنگهه مان گذري رهيو آهي. اها ڊائيورزن ٽنل 1.33 ڪلوميٽر ڊگهي، 20 ميٽر ويڪري ۽ 23 ميٽر اوچي آهي. سنڌو درياءِ جو رخ موڙڻ بعد عارضي ڊيم تي تعميراتي سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن. عارضي ڊيم مڪمل ٿيڻ تي داسو هائيڊرو پاورز پراجيڪٽ جي مين ڊيم جي تعمير شروع ڪئي ويندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌو جو رخ موڙڻ واري تقريب ٿي، جنهن ۾ پراجيڪٽ جو جنرل مينيجر، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، تعميراتي ڪمپني جي ۽ ڪنسلٽنٽس جي نمائندن کانسواءِ انجنيئرن ۽ ورڪرن جو وڏو انگ موجود هو. واپڊا چيئرمين ليفيٽننيٽ جنرل سجاد غني  پراجيڪٽ انتظاميا کي ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن.  بيان موجب داسو هائڊرو پاور پراجيڪٽ جو ڊائيورزن سسٽم ٻن سرنگهن تي مشتمل آهي، هڪ سرنگهه مڪمل ٿي چڪي آهي، جيڪا   پاڻي جي گهٽ وهڪري واري موجوده سيزن ۾ سنڌو درياءَ جو پاڻي گذارڻ لاءِ ڪافي آهي. ٻي سرنگهه تعمير ٿي رهي آهي، جيڪا اپريل جي وچ تائين مڪمل ٿي ويندي، سانوڻي ۾ سنڌو درياءَ جا وهڪرا وڌڻ وقت ٻي سرنگهه به پاڻي وهائڻ لاءِ دستياب هوندي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي رٿا سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيداڪرڻ واري حڪمت عملي جو اهم منصوبو آهي. جيڪو ڪي پي جي اپر ڪوهستان ضلعي ۾ داسو کان مٿين حصي ۾ تعمير ڪيو پيو وڃي. جنهن مان بجلي جي پيداوار جو هدف 4 هزار 320 ميگاواٽ آهي، رٿا  ان کي ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن وقت واپڊا پهرئين مرحلي کي تعمير ڪري رهي آهي، جنهن جي پيداواري صلاحيت 2 هزار 160 ميگاواٽ آهي. پهرئين مرحلي مان بجلي جي پيداوار 2026ع ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. ڊاسو رٿا هر سال نيشنل گرڊ کي 12 ارب يونٽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪندي. ٻيو مرحلو به 2160 ميگاواٽ جو آهي جيڪو 9ا رب يونٽ وڌيڪ بجلي فراهم ڪندو. ٻئي مرحلا مڪمل ٿيڻ تي 21 ارب يونٽ سان ڊاسو  پاڪستان جو سڀ کان وڏو بجلي منصوبو بڻجي ويندو. بجلي پيدا ڪرڻ جا 12 يونٽ لڳايا ويندا.