سجاول: انقلابي شاعر، صحافي ۽ ليکڪ سورج سجاولي لاڏاڻو ڪري ويو

0
518
سورج سجاولي لاڏاڻو ڪري ويو

سجاول(ن پ ا) سنڌ جو نوجوان عوامي انقلابي شاعر، صحافي، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽي ضلع سجاول جو انفارميشن سيڪريٽري سورج سجاولي 49 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سورج سجاولي ڪورونا جھڙي موذي وبا ۾ وڪوڙجڻ بعد ڪيترن ئي ڏينھن کان ڄامشورو جي لمس اسپتال ۾ علاج ھيٺ ھو جتي ھو بيماريء سان جھيڙيندي زندگي جي جنگ ھارائي ويٺو. سورج سجاولي 24 نومبر 1972ع تي سجاول ويجهو ڳوٺ ابراهيم تارڙو سرويچ نگر ۾ عوامي شاعر سرويچ سجاولي جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس نالو سرويچ پنهنجي محبوب سياسي رهنما ۽ ويجهي دوست ذوالفقار علي ڀٽو جي عقيدت ۾ ذوالفقار علي رکيو، پاڻ پرائمري تعليم پرائمري اسڪول ابراهيم تارڙو مان حاصل ڪئي مئٽرڪ هاء اسڪول سجاول مان انٽر سجاول ڪاليج مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪئي هڪ سياسي ليڊر جي نالي سان مناسبت سبب سياست کيس ڄائي ڄم کان ورثي ۾ ملي پاڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاگرد تنظيم سپاف کان پنهنجي سياسي ڪيريئر جي عملي شروعات 1984 کان سجاول هاء اسڪول يونٽ جي صدارت سان ڪئي.
سجاول ڪاليج ۾ سپاف جو چيف آرگنائيزر ۽ بعد ۾ ٻہ سال صدر رهيو. 1992 ۾ کيس سپاف ضلعي ٺٽي جو آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ ڪلچرل ونگ ضلعي ٺٽي جو آرگنائيزر ۽ بعد ۾ صدر رهيو جنهن دوران مٿس گهارو ۾ مشرف پاران 3نومبر 2007 تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ خلاف 22 آڪٽوبر 2007 تي پنهنجي والد جي وفات کي چند ڏينهن گذرڻ باوجود ان وقت جي ايم پي اي سسئي پليجو سان گڏ ٺٽي شهر ۾ ايمرجنسي خلاف احتجاج ڪندي سسئي پليجو سان گڏ مٿس ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ٺٽو لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو.سندس پارٽي ۾ ڏنل قربانين جو قدر ڪندي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کيس مارچ 2017 ۾ پ پ ضلعي سجاول جو انفارميشن سيڪريٽري ۽ سنڌ ڪائونسل جوميمبر مقرر ڪيو پاڻ ھڪ خوبصورت شاعر سٺو ڪمپيئر جوشيلو مقرر ۽ بيباڪ صحافي پڻ ھو. پنهنجي شاعري ڪمپيئرنگ ۽ تقريرن سان سجاول ٺٽو بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ پارٽي جلسن توڙي اليڪشن ڪئمپين ۾ جان وجهندو رهيو. بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي هر ماڻھو کي ڪم ايندڙ ھڪ سماجي اڳواڻ کلمک ۽ پيار ڏيندڙ شخصيت جو مالڪ ھو.
شهيد محترما بينظير ڀٽو جي شهادت تي مٿس ملڪ جو سڀ کان طويل نظم ًادي او بينظير توتي الله جون رحمتون هونديونً لکيو جيڪو تمام گهڻو مقبول بہ ٿيو. پاڻ اهو نظم 9 فيبروري 2007 تي ٺٽي شهر ۾ آصف زرداري جي جلسي ۾ لکين ماڻھن جي ميڙ ۾ پڙھيو هو. سندس هڪ شعري مجموعو ًاڃان سنڌ ويس ڪاري ۾ ً جي نالي سان 2011 ع ۾ ڇپجي چڪو آھي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سجاول جو ڪيترائي سال مسلسل سيڪريٽري ضلعي ٺٽي جو رابطا سيڪريٽري پڻ رهيو. ثقافت کاتي جي ريجنل ايڊوائزري ڪميٽي جو ميمبر ۽ سرويچ سجاولي اڪيڊمي جو چيئرمين پڻ ھو. سندس وفات تي اڄ سجاول سميت پوري سنڌ سوڳوار بڻيل آھي.