ريل اوچتو ابتو هلڻ شروع ڪري ڏنو، مسافرن جون دانهون

0
328

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) ريل اوچتو ابتو هلڻ شروع ڪري ڏنو، مسافرن جون دانهون نڪري ويون. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر ٽاٽا نگر کان ڀونيشور ويندڙ ڪرانتي ايڪسپريس ۾ انوکو واقعو پيش آيو. ريل اسٽيشن تي بيهاري وئي ۽ ڪجهه منٽن بعد ان وري ابتو هلڻ شروع ڪري ڏنو، مسافرن ريل ابتو هلندي ڏسي رڙيون شروع ڪري ڏنيون،

ڪجهه مسافرن لهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. ريل ۾ افراتفري ڏسي ريلوي اختيارين مسافرن کي اعتماد ۾ ورتو ۽  ريل پوئين اسٽيشن وڃڻ بابت آگاهه ڪيو. ريلوي اختيارين جو چوڻ هو ته ريل ۾ سوار هڪ مسافر عورت جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب ريل کي پوئين اسٽيشن ڏانهن اماڻيو ويو ڇاڪاڻ ته اتي اسپتال جي سهولت موجود هئي.