خيرپور (رپورٽر) خيرپور کان راڻيپور ويندي نينگر پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو، وارث پريشان، پوليس کي مدد جي اپيل. خبر موجب خيرپور ڀرسان ڳوٺ پيرمحمد ناريجو واسي نينگر دلاور علي ولد حب علي ناريجو راڻيپور ويندي پراسرار نموني لاپتا ٿي ويو. ان ڏس ۾ نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس ڪوبه تعاون نه پئي ڪري. وارثن موجب نينگر جي مٽن مائٽن ۽ واسطيدارن وٽ گهڻي ڳولا ڪئي آهي پر سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.