حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي فيز ون ۾ پرڻيل عورت کي ساهرن پاران مبينا طور ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. هڪ ڏينهن اڳ مسمات فاطمه زال ڪامران کوسو پنهنجي گهر ۾ ڳلو ڪپيل حالت ۾ هٿ آئي هئي، جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي هئي. فوتي عورت جي ويڳي ڀاءُ مرتضيٰ قائمخاني ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات سول اسپتال حيدرآباد پهچي پوليس سرجن کي درخواست ڏني جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته سندس ڀيڻ کي مڙس ڪامران کوسو، سندس ڏير عرفان علي ۽ سهري رسول بخش کوسو مبينا طور ڳلو ڪٽي قتل ڪيو آهي جنهن ڪري کين ڀيڻ جو لاش نه ڏنو وڃي. سول اسپتال جي انتظاميا اهڙي درخواست بعد مقتولا جو لاش امانت طور سول اسپتال جي مرده خاني ۾ رکرائي ڇڏيو جتان گذريل ڏينهن صبح جو سندس ويڳي ڀاءُ ڀيڻ جو لاش وصول ڪري تدفين لاءِ مٽياري منتقل ڪيو. فاطمه جي ڀاءُ مرتضيٰ قائمخاني وڊيو بيان ۾ پڻ ڄاڻايو آهي ته سندس ڀيڻ کي ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (ڪي ڊي اي) جي ملازم مڙس ڪامران کوسو ڪجهه وقت اڳ به تشدد جو نشانو بڻائي سندن گهر موڪلي ڇڏيو هو جيڪا ڳالهه ڀيڻ کين ٻڌائي جنهن ۾ ڀيڻ انڪشاف ڪيو ته ڏير ۽ سهرو کانئس گهر نالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن. مقتولا عورت جي ڀاءُ موجب ڄاڻايل گهر سندس والد ڀيڻ کي لکي ڏنو هو جيڪو ساهرا پنهنجي نالي ڪرائڻ جي خواهش رکندڙ هئا ان ڳالهه تان سندن ڀيڻ کي ابتدائي طور نشي جون گوريون کارائي ذهني مريض بڻايو ويو ۽ هڪ ڏينهن اڳ کيس گهر ۾ پيل ڇري سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس نوجوان جي اهڙي الزام ۽ انڪشافن باوجود واقعي جو اڃا تائين نه ئي ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي.