حيدرآباد: جعلي ڪيڪ ٺاهي وڪرو ڪندڙ 5 ڄڻا گرفتار

0
361

حيدرآباد: ڪينٽ جي علائقي غريب آباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٿيلن ۾ قادر، فيروز، سلمان، بلال ۽ عبدالمعيز شامل آهن. گرفتار ٿيلن جي قبضي مان 600 جعلي ڪيڪ، جعلي رسيدون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو. پوليس موجب ڄاڻايل جوابدارن جعلي ڪيڪ ٺاهي مشهور بيڪري جا ڪيڪ ڄاڻائي ڪاروبار پئي ڪيو، گرفتار ٿيلن خلاف ڪيس داخل ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي.