حمل ضايع ٿيڻ تي عورتن کي جيل موڪليو ويندو

0
373
حمل ضايع ٿيڻ تي

نيو يارڪ (انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن جتي حيرت جوڳا قانون آهن ۽ هڪ ملڪ اهڙو به آهي جتي حمل ضايع ڪرائڻ يا ضايع ٿيڻ تي عورتن کي قتل جي ڏوهه ۾ جيل موڪليو وڃي ٿو

وچ آمريڪا جي ملڪ ايل سلواڊور ۾ حمل ضايع ٿيڻ خلاف سخت قانون لاڳو آهن، کڻي ڳورهاري عورت جي حياتي ڇو نه خطري ۾ هجي. جيل ۾ سزا ڀوڳيندڙ ڪيرن نالي عورت جو چوڻ آهي ته هن 22 ورهين جي عمر ۾ هڪ ٻار وڃائي ڇڏيو هو ۽ اسپتال ۾ بستري تي ئي کيس هٿڪڙيون لڳايون ويون

هن چيو ته ڪنهن به منهنجي ڪا ڳالهه نه ٻڌي ۽ مون تي قتل جو ڪيس هلائي 30 سالن جي سزا ٻڌائي وئي. هن ملڪ جون انساني حقن واريون تنظيمون اهڙي قانون خلاف آواز اٿارينديون رهن ٿيون. تازو لاطيني آمريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ ٽائيڊ گرين نالي تحريڪن کانپوءِ اهڙي قانون سازي ۾ ڪجهه سڌارا آندا ويا آهن